صحافي فياض سولنگي جي اغوا معاملي تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو، صحافين جي ڪردار ۽ صحافت تي به سوال اٿاريا ويا، اهو به چيو ويو ته فياض سولنگي معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صحافي اغوا معاملي جو ڊراپ سين… چوي ٿو ته اغوا نه ٿيو هيس سئوٽن کي ڦاسائڻ لاءِ ائين مڙئي مشڪري ڪئي، ٻُڏي مرو اهڙي صحافت کان. جنهن تي آزاد سرڪي لکيو ته پوليس جو ڊرامو ٿو لڳي، هن کي اغوا به ڪيو ويو هوندو ۽ هاڻي بدنام به ڪيو ويو هوندو، مهر نديم لکيو ته ٿي سگهي ٿو اهو هني ٽريپ ٿيو هوندو ۽ هاڻ ڪنهن ڪاٽڪو يعني پڪي وارن جي معرفت واپس ٿيو هوندو تڏهن اهڙو بيان ڏئي ٿو، آزاد بخاري لکيو ته اغوا ٿيو آ ھاڻي بيان ڦيرائڻ جي ناڪام ڪوشش پيو ڪري، شمس سومرو لکيو ته اغوا ٿيڻ بعد ڪنهن جي هٿ تي موٽيو هوندو ان ڪري اهڙو بيان ٿو ڏئي. شبير ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صحافت خراب ناهي صحافت جي نالي تي غلط ماڻهو اچي ويا آهن. ادارن جي مالڪن کان ھيٺين سطح رپورٽرن تائين، نتيجي ۾ اھي صحافت جو حقيقي روح ٿيڻ بدران پنھنجو دڳ وٺن ٿا.
نياز پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صحافي فياض سولنگي واري قصي جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ٻه ٽي ڏينهن انتظار ڪجي.اڄ ئي ڏوهي يا بي ڏوهي هئڻ جو فيصلو نه ڪجي بهتر. جنهن تي هادي بخش لغاري لکيو ته ائين ڪونھي ھي صحافي دٻاءَ جو شڪار آھي، صحافين جي سخت احتجاج ۽سنڌجي وڏي وزير جي سخت نوٽيس بعد آزاد ٿيو آھي، صحافي جي موجوده وڊيو مان صحافي جو بيان چٽو نظر اچي رھيو آھي ته اھو بيان کيس حراسان ڪرڻ بعد ڏياريو ويو آھي،صحافين جي سچ جي آواز کي دٻائڻ جي اھاسازش آھي، يوسف رند لکيو ته سڄو ڊرامو آھي پھرين جيڪا وڊيو وائرل ٿي ھئي ان کي غور سان وري ڏسو ڊرامو ظاھر ٿي ويندو ھن جي دانھن رڙين سان، سالم سميجو لکيو ته مسڪين ڪروڙ رپيا ڀرڻ بجاءِ ڊيل تحت آزاد ٿيو هوندو پوءِ اهڙا بيان نه ڏيندو ته ڇا ڪندو؟ ڏسو پيا ته هتي جهنگل جو قانون لڳو پيو آهي، شمس الحق ابڙو لکيو ته پھرين ڏينهن ئي مون کي لڳو ته ھي صحافي ڊرامو ٿو ڪري ڇو ته رانڀاٽن واري وڊيو ۾ وڊيو جي آخر ۾ صحافي فياض سولنگي روئيندي مسڪرائي رھيو ھو، ھاڻي ٻڌايو، اھڙن ڪيسن تي تڪڙا احتجاج ڪجن يا پاڻمرادو پريشان ڪندڙ تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سرڪار کان گهر ڪجي. حاجي خان لاشاري لکيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي،
مصطفيٰ اياز مهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فياض سولنگي ته نروار ٿيو پر اهڙا سوين ٻيا صافي به موجود آھن جن کي صحافي سڏڻ به ورڪنگ جرنلسٽز جي توهين آھي. جنهن تي خالق ڀٽي لکيو ته فياض سولنگي 1994 کان صحافي آهي، اھڙو ڊرامو ڪيئن ٿو ڪري سگھي سندس بازيابي ۽ پريس ڪانفرنس به سواليه بنيل آھي، قاضي رابيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌاڙيل به پريشان ھوندا ته صحافي فياض سولنگي ڊرامو ڪري ڏاڍي ڪري ويو…!
فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايمانداري، ديانتداري ۽ ڪفايت شعاري سان ڳڻپ ڪجي ته سنڌ ۾ ” حقيقي صحافين ” جو انگ ڪيترو وڃي بيهندو با..!!؟؟ پڪڙيو رڳو فياض سولنگي آ، باقي ته صحافت جا ڪم ته لٿا پيا آهن، علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اداري تڙ تڪڙ ۾ نمائندگي ختم ڪري ڇڏي، پريس ڪلب وارن دروازا بند ڪري ڇڏيا، يونين اتحاد تاحيات پابندي مڙھي ڇڏي، اھڙي مشڪري ماڻھو ڪري به ڇو جو 2 به وڃن ته 6 به وڃن، جنهن تي محسن ملاح لکيو ته چوي ٿو ته بس ويٺي ويٺي مسخري ڪئي، عرفان عالماڻي لکيو ته واقعي پويان وڏي حڪمت عملي ٿي لڳي. ائين ڊرامو ڪرڻ ۽ بازياب ڪشمور مان ٿيڻ وڏا سوال آهن! واقعي جي شفاف جاچ ٿيندي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿيندا صحافي هيسيل ٿو لڳي، رياض سهيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪڙا صحافت سان پيا مشڪري ڪن ٻيا وري صحافين سان، جنهن تي عبدالرزاق سروهي لکيو ته صحافت آهي ڪٿي ۽ ڪهڙي صحافت ؟ پيٽ پاليو پارٽي جيان پيٽ پاليو صحافت آهي بس…اي بي سومرو لکيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا صحافي اصول پرست باقي ته صحافت هڪ دوکو ۽ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين صحافين جو وڏو انگ پوليس، سياستدانن ۽ ڪامورن جي پيرول تي آهي، اهڙي ۾ عام ماڻهو جو صحافين تان ڀروسو کڄي ويو آهي.
شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪلھه جنهن صحافي جي شان ۾ قصيده پيا لکجن ته حق سچ جو ساٿي، سچو قلمڪار اغوا ٿي ويو، اڄ اهي ئي ماڻهو گاريون ٿا ڏين، سماجي مشڪري، جنهن تي مهتاب خشڪ لکيو ته چئي ٿو مڙيئي ويٺي ويٺي خيال آيو ته پاڻ کي اغوا ڪرائجي، اھڙا جوڌا به سنڌ ۾ ملندا اوھان کي، ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيوته فياض سولنگي معاملي تي تحقيقاتي ڪاميٽي جوڙي وڃي ، اگر ڊرامو آ ته کيس سزا ڏني وڃي اگر ٻيو ڪو نمونو آ ته به پڌرو ٿيڻ گھرجي، ماڻھن جا شڪ ختم ڪيا وڃن ، اھو معاملو توڙ تائين پڄائڻ گھرجي.