اشو آف دي ڊي … شيخ اياز ميلو سوشل ميڊيا تي تڪراري بڻيل رهيو: مختلف تبصرا

0
52

 شيخ اياز ميلو سوشل ميڊيا تي تڪراري بڻيل رهيو، ان حوالي سان مختلف تبصرا ڪيا ويا، جهانگير چنا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نون سالن ۾ پهريون ڀيرو اياز ميلو سڀ کان گهڻو تڪراري ميلو رهيو آهي ڇو ته پيپلز پارٽي هن دفعي پنهنجي اليڪشن جي مهم اياز ڪارڊ کان شروع ڪئي آهي.ان ميلي ۾ ثقافت کاتي جا پيسا خرچ ڪري اياز کي زبردستي اليڪشن ڪيمپين طور استعمال ڪيو ويو آهي. سرڪاري بجيٽ عوام جي ٽيڪس مان وصول ٿيل پيسا هجن ٿا ان کي عوام جي مفادن وٽان استعمال ٿيڻ گهرجي نڪي ڪنهن مخصوص ٽولي جي مفادن وٽان. ان تي تنقيد ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ جو به عوام کي پورو حق آهي. جنرل ايوب خان پنهنجي سرڪاري ايوارڊ ذريعي اياز کي خريد ڪرڻ چاهيو ته ان ئي اسٽيج تان ايوارڊ نه وٺندر اياز کيس جواب ڏنو.

منهنجا اگهه پُڇين ٿو آمر

منهنجا گيت ڳنهين سگهندين!

                         اياز جون هي سٽون هنن لاءِ به آهن جن اياز ۽ ان جي شاعري کي ميلي جو نالو ڏئي پنهنجي ذاتي، گروهي مفادن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي. جنهن تي منظور احمد جمالي، شاهنواز شيخ به ردعمل ڏنو ، امام الدين جلباڻي لکيو ته مفاد پرستن جو ديس آهي پوءِ اياز به اگهه ڪيو ۽ اياز جي ميلي به اگهه ڪيو آهي، منور لغاري لکيو ته نه رڳو اهو پر اياز ميلي جو افتتاح اهڙي ماڻهو کان ڪرايو ويو جنهن کي نه سنڌي ڳالهائڻ اچي ۽ نه ئي شيخ اياز جي شاعري جي سڌ، تقريب گهڻو ڪري غيرسنڌي ٻولي ۾ هلائي وئي. جڏهن قومن جا وسيلا کسجي وڃن، ۽زمين ڌارين حوالي ڪئي وڃي، آخري حملو سندن ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي تباھه ڪرڻ جو هوندو آهي، جس هجي وري به سنڌي نوجوان شاعرن کي جن اياز ميلي جو بائيڪاٽ ڪيو، صدام جروار لکيو ته هنن سنڌ جا سڀ اثاثا ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيا آھن، منتظر علي لکيو ته افتتاح اهڙي شخص ڪيو آھي جنهن جا هٿ سنڌ جي تنزلي ۽ بربادي ۾ آھن،  اياز اها شخصيت آھي جنهن جي آڱرين انقلاب ۽ سنڌ جي ساڃاهه لکي آھي، آڪاش ٻيلاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ اياز مليو تڪراري ڇو بڻجي ويو آهي؟ دليپ رتناڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اياز ميلي تي گهڻو ڪجهه ڳالهائجي چُڪو آهي ، وري به ڪجهه ڳالهيون سنڌ جي شعور اڳيان رکندس. هي ميلو اصل ۾ پ پ جو جلسو هو ، جنهن ۾ بلاول سميت ٻين پي پي وارن شرڪت ڪئي. سردار شاھه چيو ته ذوالفقار ڀٽي ڦاهي تي چڙھڻ کان اڳ جلاد اڳيان اياز جو شعر چيو ته

مان مور نه توکان مرڻون هان

مان ويس مٽائي ورڻو آن

اهل علم ۽ تاريخ جا ماهر دوست رهنمائي ڪن ، ڇا واقعي ڀٽي هي شعر ان وقت پڙهيو هو يا نه ؟؟

ٻي ڳالهه سردار شاھه فرمايو ته بلاول ڀٽو سنڌ جي شعور کي Own ڪري ٿو ، مونکي ته اها ڳالهه درست نه ٿي لڳي ، اهل علم دوست ان ڳالهه بابت به رهنمائي ڪن. سڀ کان اهم ڳالهه ته پنهنجي تقرير ۾ بلاول ڀٽو شيخ اياز جي شخصيت ۽ ان جي شاعري بابت هڪ اکر به نه ڳالهايو. جنهن تي نظير احمد شر لکيو ته اوهان پريشان ڇو آهيو، مهراڻ گهمرو، انور علي سنڌي، آڪاش ملاح به ردعمل ڏنو،ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوئين سال اياز ميلي ۾ شرڪت جو مون بائيڪاٽ ڪيو هو ڇو ته اهو مڪمل سرڪاري سهڪار سان رٿيل هو، هن ڀيري به مڪمل سياسي ڌُر جي حوالي ٿيل آهي جنھن جو ثبوت خود ميلي جو افتتاح آهي. خوشيءَ جي ڳالھه هيءُ آهي ته هن ڀيري سنڌ جي ضمير جو آواز بڻجي نئين نسل جي انتهائي سگهارن نوجوان شاعرن جهانگير ڏاهري، فواد ڪلوڙ، عاقل ڪلهوڙو ۽ ڪجهه ٻين پيارن اياز ميلي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي اهو اسان جي شعور جو بيمثل قدم آهي جنھن جي دل سان آجيان ڪجي ٿي. شيخ اياز اسان جو عظيم شاعر آهي، سنڌ جي اجتماعي شعور جو سچ آهي،جنهن سان اسين سڀ پيار ڪريون ٿا پر ان کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪندڙ ڪنهن به ڌر سان گڏ بيهڻ جو سوچي به نٿا سگهون. اسان پنهنجي شعور پنهنجي تهذيب ۽ ٻولي سان گڏ آهيون. جنهن تي راءِ چند جي لکيو ته هڪ عرض ته سرڪار اتفاق سان ڪو سٺو ڪم ڪري ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ لازمي آهي؟ انور سانول لکيو ته سرڪاري طور هجي يا غير سرڪاري طور اسان انهن جي مشاعرن جو بائڪاٽ ڪري رهيا آهيون، جهانگير ڏاهري لکيو ته توهان اسان جي فيصلي جي حمايت ڪري اسان جي جذبن ۾ ويتر روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو فيصلو درست ۽ ڌرتيءَ جي مفاد وٽان آهي. حميرا شمس شيخ لکيو ته وقت سڀني کي سيکاري ٿو، مان نون سالن کان پھرين ڏينھن کان بائيڪاٽ ڪندي پئي اچان هر سال منھنجي ان عمل تي ڪو نه ڪو کلندو آھي يا ٽوڪيندو آھي پر مان پنھنجي اصول تي بيٺل آھيان هن سال گھڻن ماڻھن پنھنجي ماٺ ٽوڙي آھي، سانول جمالي لکيو ته مون به سوچيو مشاعري ۾ شرڪت ڪجي ۽ سھڻن شاعرن کي ٻڌجي پر جتي ان پارٽي جا نعرا هجن اسان ان ميلي ۾ شرڪت ڪيئن ڪري سگهون ٿا اسان بائڪاٽ ڪيون ٿا، ستار سروهي لکيو ته توهان بهتر فيصلو ڪيو آهي، تاريخ پاڻ ئي پنهنجا حساب ڪتاب اوڳاڙيندي، علي حيدر کوسو لکيو ته اسان کي اوهان تي فخر آهي، علي پٺاڻ لکيو ته اميد ته سنڌ جو شعور پنهنجي مھان ڪويءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پاڻ ميلو ملھائڻ جو اعلان ڪندو، مارو جمالي لکيو ته دعوت جي باوجود اسان نه وياسين، اسحاق سميجو لکيو ته اها بلڪل قابل عزت ڳالهه آهي ته جڏهن اڌ کان وڌيڪ نوجوان رڳو اياز ميلي ۾ شعر پڙهڻ لاءِ سفارشون ڪرائيندا هجن، تڏهن ڪي نوجوان پنھنجي نقطه نظر جي اختلاف يا نظرياتي وابستگيءَ جي بنياد تي مشاعري ۾ شعر پڙهڻ کان انڪار ڪن. البته اهو عمل به سياسي آهي. سياسي مقصدن لاءِ استعمال اياز سميت هر وڏي شاعر جو ٿيندو آهي ۽ ٿيندو رهندو، جڏهن سنڌ ديس جي ڌرتي تي ماڻهو اٿي بيهن ٿا ته اهو به سياسي عمل آهي. چوڻ اهو گهرجي ته سرڪاري مقصدن يا ذاتي خوشامد لاءِ اياز جو استعمال بند ٿيڻ گهرجي. مقصود گل مهر لکيو ته جيڪي اديب اياز ميلي جو بائيڪاٽ ڪن ٿا انهن کي گذارش آهي ته سرڪاري پگهار به نه کڻن، سرڪاري مال تي ڌمال ھڻو ٿا باقي بلاول ڀٽو زرداري صاحب افتتاح ڪيو ته اوهان اديبن ۾ انقلاب جي جهلڪ اڀري پئي، مير حسن منڌرو لکيو ته اعتراض سرڪاري سھڪار جو آھي يا سياسي ڌر جي اڳواڻ جي افتتاح جو اگر سياسي سھڪار جو اعتراض اٿئو. ته پوءِ ھر سرڪاري تقريب جو بائيڪاٽ ڪرڻ کپي توھان کي چاھي اھا سياسي ھجي سماجي ھجي يا ادبي ھجي ۽ سرڪاري سھڪار تي اعتراض آھي ته سنڌ جي مڙني اديبن ۽ شاعرن کي گڏ ڪري اياز تي ميلو مچائڻ کپي باقي نه ھجڻ کان ڪجھه ھجڻ ڀلو آھي اگر ڪو ٽولو سرڪاري ۽ سياسي سرپرستي ۾ اياز کي ياد ڪري ٿو ته ان ۾ سرھو ٿيڻ گھرجي ته وري به اياز کي ياد ڪجي ٿو. سرويچ انور، نعمت سومرو، جبار جوڻيجو، اعجاز حسين، نظير جروار، حيات بلوچ، فقير اياز سنڌي، مبين اڄڻ، جوش جروار، علي رضا وڌو، ايم صديق لنڊ، ظهر احمد، بشير آچو اياز، احسان عيسيٰ، عبدالڪريم ترڪ، ڪريم مڱريو، شاهنواز گهوٽو، حميد پنهور ۽ ٻين به ان  معاملي تي ردعمل ڏنو.