سوشل ميڊيا تي وزيران ڇڇر جي قتل خلاف آواز اٿاريندڙ نوجوان مٿان ڏنڊ لڳائڻ واري عمل تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو، شهناز راهو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيران ڇڇر کي بيرحمي سان قتل جي واقعي کي سوشل ميڊيا تي وائکو ڪندڙ ۽ ان خلاف آواز اٿاريندڙ يونيورسٽيءَ جي شاگرد جاويد ڇڇر تي جرڳي ۾ پنج لک ڏنڊ وڌو ويو آهي ڇا ھاڻ ماڻهو ظلم خلاف آواز به نه اٿارين؟ اهو جڏھن ته ڪورٽن طرفان جرڳن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پوءِ به هي فيصلو نه صرف جاويد ڇڇر سان زيادتي آهي پر جرڳائي سسٽم کي هٿي آهي ۽ هن وقت سوشل ميڊيا ئي مظلوم ماڻهن جو سگهارو آواز آهي هي سوشل ميڊيا تي ظلم ۽ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ وارن کي خوفزده ۽ هراسان ڪرڻ جي سازش آهي ان فيصلي خلاف حيدرآباد پوليس ايڪشن کڻي ۽ جرڳي ڪندڙن خلاف قدم کڻي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طفيل احمد راهو لکيو ته وزيراعليٰ سنڌ کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، مسرت ذوالفقار، غلام رياض راهو، اسماعيل اداسي، نسيم حيدري نوجوان مٿان ڏنڊ لڳائڻ واري عمل جي مذمت ڪئي، زاهد علي کوکر ۽ محمد بخش ڏاهري لکيو ته اهو ظلم آهي، نوجوان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، خالدا ذلف، ڊاڪٽر ثمينه واحد، سومرو مورائي، خادم جمالي، آمنه ابرو، عبدالقدير راهو مذمت ڪندي چيو ته ظلم جي انتها آهي. حيدرآباد پوليس جرڳو ڪندڙن خلاف ايڪشن کڻي. شهناز شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بي دردي سان قتل ٿيل عورت لاءِ انصاف گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو. وزيران ڇڇر جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ واري مسئلي تي ڄامشوري ۾ جرڳو ڪري وزيران ڇڇر کي انصاف ڏيارڻ جون پوسٽون رکڻ جي ڏوھ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي گريجوئيٽ تي پنج لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، نوجوان جاويد ڇڇر ڳوٺ وڏا ڇڇر جي وڏيري کان تڏو پڻ بخشرائيندو. 28 جون 2020 تي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ وڌ اڇڇر ۾ نوجوان ناري وزيران ڇڇر کي منهن ۾ پٿر هڻي بي دردي سان قتل ڪيو ويو هئو. نوجوان جاويد ڇڇر سوشل ميڊيا تي وزيران ڇڇر کي انصاف ڏيارڻ وارا مطالبا ڪندو رهيو. اهڙي پوسٽ تي ظهير احمد لغاري لکيو ته وزيران ڇڇر واقعي تي دل رت روئي ٿي، رحيم گل گوپانگ، ساگر چانڊيو، اعظم خان ميتلو به نوجوان مٿان ڏنڊ لڳائڻ جي مذمت ڪئي. انيل حب علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ناري وزيران ڇڇر جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندڙ سنڌيونيورسٽي جي شاگرد جاويد ڇڇر خلاف جرڳو ڪري 5 لک نوجوان تي ڏنڊ رکيو ويو وڏيري کان معافي پڻ وٺندو ، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي زاهدا ابڙو لکيو ته هيومن رائٽس ڪميشن وارن کي ان جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. عمران الدين چنا، غلام مرتضيٰ لانگاهه، مير خان سميجو، محمد طارق قاسمي، اياز علي، وحيد سهتو، محبوب اوٺو، غلام حيدر، مير انور ٽالپر ۽ ٻين جرڳي جي مذمت ڪندي نوجوان سان انصاف جي گهر ڪئي. شبير کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، عائشه ڌاريجو لکيو ته وزيران ڇڇر قتل ڪيس، سوشل ميڊيا تي وزيران جي قتل خلاف آواز بلند ڪرڻ تي جاويد ڇڇر خلاف وڏيرن ڄامشورو ۾ فيصلو ڪيو، جنهن تي خالدا منير لکيو ته افسوس وزيران ڇڇر کي انصاف نه مليو پر آواز بلند ڪندڙ کي سزا ڏني وئي، ڪورٽ کان وڌيڪ سگهارو جرڳو آهي ڇا ؟ سرهو خان لکيو ته ڪنهن به قسم جو ڪو به جرڳو نه ٿيو پر سوشل ميڊيا تي هلايل ڪوڙ، بيهودگي جي انتهائي حد تائين وڃڻ ۽ بيجا ذات، سنڌي قوم ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ مهم جوئي جو برادري حساب ورتو ويو جنھن ۾ سوشل ميڊيا تي هلايل ڪوڙي مهم کي وائکو ڪيو ويو ڳوٺ جي چڱن مڙسن کي ان ۾ ڦاسائڻ سندن ڪردار ڪشي ڪرڻ جي تنبيھه ڪئي وئي.