اشو آف دي ڊي … سوال ڪرڻ ايڏو گناهه آهي..؟ سياست آهي يا مشڪري ؟ راشد محمود کان سوال تي اهلڪار لاڪ اپ، سوشل ميڊيا تي بحث

0
147

 جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود کان سوال ڪرڻ تي پوليس اهلڪار کي لاڪ اپ ڪرائڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ان حوالي سان ايم صفر گوپانگ پاران پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ويو ته سياست برداشت جو ٻيو نالو آهي جنهن ۾ برداشت ناهي اهو سياست به نه ڪري، سوال برداشت نه ڪندڙن کي اقتدار مليو ته ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏيندا، جنهن تي حبدار علي جلباڻي، زبير احمد، طفيل چانڊيو، حافظ ارشاد احمد قادري، سيد عبدالنبي شاهه، حبيب الله جروار، صوبدار نظير گوپانگ، انعام علي کوکر، عبدالحميد، علي شير نوناري، علي بلوچ ۽ ٻين پوسٽ سان اتفاق ڪيو، خالد ڀٽي لکيو ته پر اهو پوليس وارو همراهه پاڻ رفيق جمالي جو گارڊ آهي ڇا ان ڪڏهن اهو سوال رفيق جمالي کان ڪيو هوندو يا پنهنجي تڪ جي ايم پي اي يا ايم اين اي کان ڪيو ھوندو يا اتان جي ضلعي انتظاميا کان اهو سوال ڪيو هوندو يا وزير اعليٰ کان اهو سوال ڪيو هوندو جيڪو سوال هن راشد کان ڪيو آهي جواب ٻڌڻ کان بغير ڀڄڻ جي پيو ڪري پوءِ رضاڪارن هن کي موٽايو ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه ٿي وئي آهي، علي عباس جمالي لکيو ته ان مان اندازو لڳايو ته هن جي حڪومت هجي ته ڪهڙو حشر ڪندو، عبدالله سومرو لکيو ته سوال ڪرڻ جي طاقت رکو ٿا ته جواب ٻڌڻ جي به طاقت رکو، محمد خان چانڊيو لکيو ته جتان جتان جي يو آءِ جو قافلو گذريو مخالفن مختلف حربا استعمال ڪيا، محمد خان چنا لکيو ته شعور تڏھن چئبو جڏھن اھو ئي سوال توھان پنھنجي تڪ جي نمائندي ايم پي اي، ايم اين اي کان ڪيو، ضياءَ الرحمان بروهي لکيو ته راشد محمود نه وزيراعليٰ نه ئي وزيراعظم ان کان اهڙو سوال ٺهي ئي نٿو، محمد الياس چنا لکيو ته سوال سھڻي طريقي سان ٻڌوسين. پر جواب به ته ٻڌڻ گھرجي يا ڀڄڻ گھرجي جناب سوال تي آبجيڪشن ناھي، ايم ايس رباني چيو ته شعور تڏھن چئبو جڏھن اھو ئي سوال توھان پنھنجي تڪ جي نمائندي کان ڪن، عليم قادر جاگيراڻي لکيو ته افسوس آهي اظهار جي آزادي تي پابندي ڇو يا ماڻهو سياست نه ڪري يا برداشت سکي، انور آزاد مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مولانا راشد محمود سومرا صاحب اليڪشن ۾ وري پ پ سان اتحاد ته نه ڪندو….؟ توهان پ پ مخالف ۽ مولانا فضل الرحمان وري مرڪز ۾ پ پ وارن جو اتحادي رهيو آهي. مولانا راشد محمود کان پوليس اهلڪار جو سوال…؟ سردار وڏيري جلسو ڦٽائڻ لاءِ پوليس ڪانسٽبل کي موڪليو آهي، وڏيرن ۾ دم آهي ته مونکان سوال ڪن باقي هن قسم جي حرڪت برداشت جوڳي ناهي. وڏيرا جمعيت کان خوفزده ٿي سازشون ڪن ٿا (مولانا راشد محمود سومرو) آخري اطلاعن تائين سوال ڪندڙ پوليس اهلڪار گرفتار لاڪپ حوالي ٿي ويو، جويو ساجد علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا پوليس اهلڪار سوال نه ٿو ڪري سگهي؟ هي ڊڪٽيٽر آهي؟ جيڪو داٻا ڏئي اهلڪار کي پٽ تي ويهارڻ جو حڪم جاري پيو ڪري افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، ايڊووڪيٽ حيدر عبدالنبي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راشد سومرا ڪھڙي سنڌ ۾ جنگ لڳي آهي جو امن مارچ ٿو ڪرين جھاد مارچ ڪري سڀني کي وٺي وڃ فلسطين، محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چيائين سوال ڪرڻ ايڏو گناھه آهي..؟ چيم ها سڄي تاريخ ڀري پئي آهي، سوال ڪندڙن کي يا ماريو ويو يا ته جيل ۾ واڙيو آهي. محسن اي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امن مارچ ڪندڙ پاران امن جو پيغام: اڙي پڪڙيوس! اڙي جهليوس! نه وڃي! هيٺ ويهه! پيسا وٺي سوال ٿو ڪرين! ٻڌ! چپ ڪر! چپ! نه ڳالهاءِ! تو جبل وڪيا. تو تيل مهانگو ڪيو. تو ڪرپشن ڪئي. تو قتل اغوا ڌاڙا هنيا. ايس پي گرفتار ڪيوس! تاج سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صنعان سامهون نعرو لڳي “اڙي ڇورا ڪنهن موڪليو اٿئي”، زين شاهه سامهون نعرو لڳي “اڙي ڪنهن جو ماڻهو آهين”، مولانا راشد کان سوال ڪر ته “مونکي خبر آهي توکي ڪنهن موڪليو آهي” سياست آهي يا مشڪري!؟ اصل ۾ هي چاهين ٿا ته عوام/ڪارڪن رڍ ٻڪرين جيان سندن پٺيان ٻئين ٻئين ڪندا هلن. حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوال تي ڪاوڙ ڪندڙ ماڻهو هر شعبي ۾ ناڪام ۽ نااهل هوندو آهي..