اشو آف دي ڊي … سنڌ کي درد جو لباس ڪنهن پارايو آهي؟ گهوٽڪي ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي قتل تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
155

 گهوٽڪي ۾ معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي قتل واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان عدنان بلوچ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ ڏينھن  اڳ گم ٿي ويل معصوم ڪلثوم ۽ سلمان جو پيءُ قربان لغاري  گھر جي گھٽي ۾ معصوم ٻچڙن جي اچڻ جي انتظار ڪرڻ جي وڊيو، اڄ ٻنهي معصومن جا لاش قبرستان مان هٿ آيا آهن، سنڌ حڪومت جا حمائتي ٻڌايو ته اهو ڏوھه ڪنهن جو آهي، قانون ڪٿي آهي، سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري؟ پيءُ جي اها صورتحال آهي ته ماءُ جيجل جي حالت ڇا هوندي؟ جاويد احمد لکيو ته آخر ظالمن جو ڪو ته انت هجي، ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ کي درد جو لباس ڪنهن پارايو آهي؟ هڪ ڏينهن اڳ راند کيڏڻ دوران گم ٿيل معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا لاش درگاهه نهرو شاهه قبرستان مان هٿ آيا آهن. معصوم سلمان ۽ سندس ڀيڻ ڪلثوم لغاري ڪالهه منجهند هڪ وڳي آفتاب ڪالوني مان گم ٿيا هئا. سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جو قتل عام نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ڇو هن ريت بار بار اسان جي شعور جي حساسيت ۽ ذهنيت کي عذاب جي سوريءَ تي ٽنگيو پيو وڃي؟ هن المناڪ واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، قاتلن جو عبرتناڪ انجام ٿيڻ گهرجي. جنهن تي لياقت علي لطيفي لکيو ته هن رياست ۾ سنڌ ۽ سنڌي محفوظ رهڻا ئي ناهن، مبين اڄڻ لکيو ته ماڻھن ۾ خوف نه رھيو آھي ھتان جي قانون ۽ پوليس لاءِ، انصاف ۾ دير ۽ قاتلن اغواڪارن کي سزائون نه ملڻ سبب ھي واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، جي ايم ٿري لکيو ته اندر روئي ٿو معصومن ڪهڙو ڏوھ ڪيو ۽ پوري دنيا ۾ ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ ۾ ڇو آھي عروج تي؟ امر ڪيريو لکيو ته هن عمل جي نه ته نندا ڪري سگهجي ٿي نه ئي مذمت ڇو ته نندا ۽ مذمت کان به وڌيڪ ڪو ٻيو لفظ ناهي پر هاڻ اسان کي انهيء لفظ کي به تخليق ڪرڻو پوندو، امين چانڊيو لکيو ته انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو، صدام کوکر لکيو ته انتهائي المناڪ واقعو آهي، دلبر کوسو لکيو ته اهو واقعو يقين ڪيو وڏي تڪليف جو باعث آهي، شميم سومرو لکيو ته ظلم جي حد ٿي وئي افسوس، عبدالله نهڙيو لکيو ته نسورو ناحق آهي، الابخش، مرتضيٰ شام، شڪيل راهمون، محمد اسحاق بلوچ، عامر علي ڀرڳڙي، محمد اسحاق بلوچ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، اشرف سولنگي لکيو ته اهو واقعو يقين ڪيو وڏي تڪليف جو باعث آهي، فراق هاليپوٽو لکيو ته ظلم جي انتها آهي، هتي قانون نالي ڪا شئي ناهي، ماڻهن مان به انسانيت موڪلائي وئي آهي، دليپ ڪمار لکيو ته امن جي ڌرتيءَ کي راڪشش ڪيڏانهن وٺي پيا وڃن، ڪامل خان رند، رضوان چانڊيو، عرفان موسيپوٽو به افسوس جو اظهار ڪيو، دانش خاصخيلي لکيو ته ڏاڍو ڏک ڏيندڙ واقعو پيش آيو قاتلن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي، خير محمد لکيو ته ڪيڏو نه ظلم ٿيو آهي ھاڻي قيامت کي اچڻ گهرجي، مصطفيٰ بلوچ لکيو ته جتي جهالت جو جن بي قابو هجي اتي انصاف جي تقاضا شايد وقت جو زيان هجي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان انسانيت جا سڀئي حق ڳيهي ڇڏيا آهن، اي حميد ڇٽو، ليکراج ميگهواڙ، ڊاڪٽر ڀڳوان داس به افسوس جو اظهار ڪيو. سيرت آسيه بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گذريل ڏينهن تي ٻه معصوم ٻارڙا گهوٽڪي مان گم ٿي ويا انهن ٻارڙن جو پيءُ گهٽي گهٽي ۾ نهاريندو رهيو پر انهن جا لاش هڪ قبرستان مان هٿ آيا ٻارڙن جي گهروارن جو ڇا حال هوندو، قهرام ۽ قيامت جو منظر هوندو گهر ۾ الله اڪبر، الله صبر ڏي گهروارن کي، عاقب ديشي، مير لياقت کوسو، سراج احمد وڳڻ، عرفان علي مسڻ، شبير عمراڻي، رفاقت ڪاڪا، ساحل سڪندر ۽ بين افسوس جو اظهار ڪيو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خُدا ڄاڻي ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاواسين …! ٽڙياسين دامنِ صحرا  ۾ خوشبو  ئي اجائي وئي….! گل سميجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايڏو ظلم، گھوٽڪي ۾ ٻن معصوم ڀيڻ ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو، خبر ناهي ڀيڻ ڀاءُ جون دانهون ٻڌيون يا ڀاءُ ڀيڻ کي ٿڙپندي ڏٺو. وسيم عباس منهاس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حق ته نه وٺي سگهياسين پر پنهنجا ٻچا وڃائڻ ۾ هر قوم کان اڳتي ضرور  نڪتاسين، ڪڏهن هٿرادو ٻوڏون آڻي معصوم ٻوڙي ماريا وڃن ٿا ته ڪڏهن حوس جي پوڄارين هٿان ته ڪڏهن وري ذاتي دشمنين جي ور چڙهيو وڃن، هر ظلم تي خاموش رهياسين جنهن جو ثمر اڄوڪي گهوٽڪي واقعي جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي، خدا جو قهر ڪو نازل ٿئي قاتلن تي جن معصومن کي اذيت ڏئي شهيد ڪيو، امجد شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪلثوم ۽ سلمان لغاري جيڪي هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل هئا، انهن جو والد 1 ڏينهن کان گهر جي اڳيان انتظار ڪري رهيو هيو ته منهنجا ٻچڙا هينئر آيا، ڇا خبر هئي ته ٻچن جا لاش ملندا اهڙو قيامت جو ڏينھن خدا ڪنهن کي نه ڏيکاري، پر گھوٽڪي ۾ اھڙا روزاني واقعا ٿيندا رهن ٿا هر ڏينهن لاش کڻڻ ته مجبور وارداتون گهٽجي نه سگهيون، ماڻھو ضلعي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جنيد احمد ڀٽو، ايڊووڪيٽ نورالدين ڪٽوهر، نزاڪت چانڊيو به واقعي تي پوسٽ شيئر ڪئي، ثناءُالله هڪڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شديد افسوس آھي، جو گھوٽڪي شھر کي يتيم بڻايو ويو آھي، ٻن ننڍڙن ٻارن کي قتل ڪندڙ رھزنن کي ٻارن ڪيترا وس ڪيا ھوندا پاڻ کي بچائڻ لاءِ پوءِ به ظالمن انھن کي قتل ڪيو، انسان پنھنجو معيار ايترو ڪيرائي سگي ٿو، ناقابل فھم آھي.