اشو آف دي ڊي … سنڌ جو شعور وڙهي ٿو، پير پرستي ۽ سرداري نظام جي نيٺ پڄاڻي ٿيندي

0
62

  راڻيپور جي حويلي ۾ نينگري فاطمه جي موت واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڪالهه به جاري رهيو، سنڌ مان پيري مرشدي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، فاطمه جي خون سان انصاف جي گهر ڪئي وئي ان حوالي سان حڪيم زنگيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سائنس ٽيڪنالوجي معياري علم وڙھندو رانگ نمبر پيراڻين گادين سان جاگيرداري سان، ھن دور ۾ پيري مرشدي جاگيرداري بدنما داغ آھي سماج مٿان، انھن ڪوڙھه جي مرض خلاف سنڌ جو شعور وڙھندو، نذير شام لکيو ته ها مسلسل ۽ مضبوط قاعدن تحت جدوجهد ڪبي ته نتيجا ڀلا ۽ لاڀائتا نڪرڻ جي پڪ آهي، فائق ٻپڙ لکيو ته پر “ھيڏي ھُل ۽ شور ۾ ڪو ٻُري ڪا ٻانگ بڻجِي، سنڌ جو ڪو ساٿ بڻجِي سانگ بڻجِي” ھاڻي انتظار آھي ھِن ٻاٽ ۾ اُن لاٽ ٻرڻ جو ته ڪير ڪٿان ۽ ڪھڙي روپ ۾ لاٽ ٿي ٻرندو ۽ ھن سموري سنسار کي روشن ڪندو، جباز آزاد منگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو شعور وڙهي ٿو ۽ سنڌ جو ليڊر مال ميڙي ٿو. محسن جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پير سيد پرستي ته ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ جاهليت صدين کان آهي.حيدرآباد ماڊل اسڪول ۾ جڏهن پڙهندا هئاسين ته ڪلاس ۾ سيد شاگردن کي نالي بجاءِ استاد شاهه صاحب ڪري مخاطب ٿيندا هئا ۽ ڇا به ٿي پئي انهن کي مار ڪونه ملندي هئي. مئٽرڪ تائين اهو سوچيندو رهيس ته ائين ڇو آهي؟ جنهن تي راشد احسان لکيو ته منھنجو مشاهدو مختلف آهي، مان ماڊل اسڪول جو پرنسپال آھيان پئدائشي طور سيد به آھيان، منھنجا ٻار ماڊل اسڪول ۾ پڙھيا آهن، انھن کي به غلطي تي ٻين ٻارن جيان تنبيھه ڪئي وئي ۽ واجبي جسماني سزا به ٻين ٻارن جيان ڏني وئي، جيستائين سيد پرستي پيري مريدي جو تعلق آهي ته ان جو بنياد به عقيدي پرستي مان آهي جيئن ملائيت ‘قوم پرستن ۾ شخصيت پرستي  منهنجي خيال ۾ ڏوھاري جي ڪا ذات مذھب نه ھوندو آهي بلڪه شخصي ڪردار ھوندو آهي. امداد سيلرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته معصوم فاطما جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڙھي به نه ٿي سگھجي اسد شاھه 2 سو سيڪڙو ڦاهي جو حقدار آھي، خالده منير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ صدين کان سيدين، پيرن، وڏيرن، جاگيردارن جون حويليون نه صرف ٻاهر جي پر گهر جي عورتن لاءِ به مقتل گاهه ۽ عقوبت خانا بڻيل آهن. جنهن تي ڪرم علي شاهه لکيو ته کاٻي ڌر جي سياست ۽ سيد ………… تاريخ پڙهي ڏسو، کاٻي ڌر جي سياست ۾ جيترا سيد سرگرم ۽ مخلص رهيا اوترو ڪير به نه رهيو، نوابشاهه ، خيرپور ، نوشهروفيروز ،دادو ۽ لاڙڪاڻي سوڌو سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جا سيد نه فقط کاٻي ڌر ۽ قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيا پر پنهنجن اوطاقن جا دروازا ڪارڪنن لاءِ کولي ڇڏيائون جتي نه فقط 24 ڪلاڪ ماني جو انتظام هوندو هو پر ڪارڪنن انهن اوطاقن کي پنهنجو مستقل مسڪن بڻائي رکيو ۽ جدوجهد ۾ ڪلهوڪلهي سان ملائي هلندڙ شاگردياڻين جو ٻيو گهر سيدن جون حويليون هيون جتي کين جيترو مان مرتبو مليو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي ۽ ان ڳالهه جون شاهد اڄ به موجود آهن. کاٻي ڌر جي سياست ۾ جڏهن ڀوچال آيو ته سيد ثابت قدم رهيا ۽ جيل به ڀوڳيائون. ذاتين تي حملا نه ڪريو .باقي اسد شاهه ۽ فاطمه سان جيڪي زيادتي ۾ ملوث آهن انهن جي ڀلي مذمت ڪريو. جبار ڪابورو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته درگاهن تي پيل نذراني جي پيتين ۽ پيرن کي پيسا ڏيڻ بجاءِ پاڙي جي ڪنهن مسڪين جي مدد ڪريو پير به سوڙها مسڪين به خوش الله به راضي، نديم علي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جا اڄ به ڪيترائي خاندان غلامن واري زندگي گذارين ٿا پنھنجون معصوم نياڻيون “ٻانھيون” ۽ پٽ “نوڪر” طور ٺڳن مرشدن جي گادين حوالي ڪن ٿا. ماهنور شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان جي گاديءَ کي الله سائين عزت بخشي آھي” جھڙا حوال ڪٽيندڙ ٺڳ پير تو جھڙا سنڌ جا سوين پير اھڙي ڪوڙي عزت جي دعويٰ ڪن ٿا. جيڪڏھن سڀني حويلين جي ملازمن جو ميڊيڪل  ٿئي ته تو وانگر سوين پيرن کي پنھنجي ڪوڙي عزت جي خبر پئجي ويندي. سيد خليل احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوامي پريشر جو نتيجو آهي جو پيرن جي ايتري طاقت هوندي به هو سچ لڪائي نه سگهيا ۽ هاڻ جڏهن ميڊيا تي ريپ جي تصديق ٿئي وئي آهي پاڻ کي قانوني پاسي کي مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سوشل ميڊيا وسيلي هن پريشر کي قائم رکڻو آهي. جيڪڏهن پي پي وارن يا ڪنهن ٻئي طاقت ظالمن جي حمايت ڪئي ته اسان جو ٻيون ڌرڻو راڻي پور ۾ هوندو. شوڪت علي حيدري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي نياڻين کي درگاهن جا در ڏيکارڻ بجائي درسگاهن جا در ڏيکاريو، درسگاهه قابليت، ڏاهپ ۽ انسانيت سيکاري ٿي، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿي سگهي ٿو آئون غلط هجان پر مونکي لڳندو آهي ته سنڌ ۾ پيري مريدي سرائڪي بيلٽ مان آيل ٺڳن جي ٽولن سبب عام ٿي، شڪر آهي پنهنجو ڪو نه مرشد آهي نه پاڻ ڪنهنجا مريد آهيون اسانجو موجوده نسل ان بيماري کان آجو آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ نسل به آجو هوندو، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته معصوم نياڻي فاطمه سان انصاف لاءِ روڊن، رستن ۽ عدالتن ۾ قانوني ويڙهه ڪنداسين ۽ جوابدارن کي اهڙي سزا ڏياريندا سين جو وري ڪنھن ظالم پير ۽ مير کي ڪنهن ٻي فاطمه جي ويجهو وڃڻ کان به سئو دفعا خوف کائيندو، سنڌ جي شعور کي اپيل آهي ته هن نياڻي کي انصاف ڏيارڻ تائين پنهنجي آواز کي ماٺو ٿيڻ نه ڏجو، جاويد احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي معصوم نياڻي فاطمه،  ميڊيڪل رپورٽ مطابق سندس جسم تي لڳ ڀڳ اٺ ڌڪ لڳل آهن ، جنسي زيادتي فطري ۽ غيرفطري طريقي سان ڪافي عرصي کان ٿيندڙ هئي، علي محمد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راڻيپور حويلي سيل، 3 ڊي ايس پي. 10 ايس ايڇ او ۽ سوين  پوليس اهلڪارن پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي رينجرز پڻ شامل. حويلي جي سڀ مردن جا ڊي اين اي ورتا ويندا… مصطفيٰ اياز مهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ ڏينهن سُھائو ٿي ويندو !!راڻيپور حويلي سيل، سمورن مردن جو ڊي اين اي ٿيندو. معصوم فاطمعه جو خون کين بخش نه ڪندو، عمران کوسو به فاطمه جي خون سان انصاف لاءِ پوسٽ شيئر ڪئي، منصور ٿيٻو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فاطمہ ڦرڙو ڪيس نوڪر کي قرباني جو ٻڪر بڻائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، رزاق ڍاٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راڻيپور جي حَويلي کي مِسمارُ ڪري (شهيد فاطمه گرلس اسڪول) قائم ڪيو وڃي. علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيرن جي “حويلين” تي ڇاپا هڻي عقيدي جي نالي تي باندي بڻايل معصوم نياڻين کي آزاد ڪرائي هميشه لاءِ “ڪنيز يا ٻانهي” رکڻ تي پابندي مڙهي وڃي. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ پڙھي ڊاڪٽر ڏکاري لھجي ۾ چيو ته جسم جو ڪھڙو حصو ڇڏيو اٿن جنھن تي تشدد نه ٿيو ھجي. ٻارڙي سان ته قيامت ٿيل ٿي ڏسجي، پير آف راڻي پور جي حويلي جاءِ واردات آھي عورت اھلڪارن سان گڏ سڄي حويلي تحويل ۾ وٺي وڏيڪ ثبوت ھٿ ڪري سگھجن ٿا. عرفان گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته معصوم فاطمه جي قاتلن جو ڪيس راڻيپور جي مک چوڪ تي عوامي عدالت ۾ ھلڻ گهرجي، نه، ٻڌڻي نه تاريخ صرف ھڪ ڪلاڪ ۾ ڪيس سان گڏ قاتل ختم. جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي نجات پيرپرستي،وڏيراشاهي، سرداري نظام، ذات پرستي، جاهلاڻي قبائلي نظام، مذهبي انتها پسندي ۽ پدري سماج جي سمورين بدترين شڪلين کي دفن ڪرڻ کان سواءِ نه ٿيندي!ايڪويهين صدي انهن ڪوڙهيل متروڪ نظامن جي صدي ناهي.