ارسا پاران چولستان آباد ڪندڙ ڪئنال لاءِ ساڍا 4 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي منظوري ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو، جنهن تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حر مشتاق حسين لکيو ته اهي نوان ڪئنال پاڻي سان نٿا وهي سگهن باقي رت سان وهي سگهن ٿا اسين ڪنهن به وفاق يا صوبائي حڪومت کي تسليم نٿا ڪيون ڪئنال نامنظور نامنظور، راشد علي لانڊر لکيو ته سنڌ ڌرتي جا پٽ انشاءَالله آخري دم تائين وڙھندا سنڌ وطن لاءِ، راهي فقير چانڊيو ۽ اساما سومرو به ردعمل ڏنو، غلام حسين به ردعمل ڏنو، صوفي اياز لکيو ته انهن کي شرم اچڻ گهرجي، عباس حيدري لکيو ته هي نوان ڪئنال پاڻي سان نٿا وهي سگهن باقي رت سان وهي سگهن ٿا اسين ڪنهن به وفاق يا صوبائي حڪومت کي تسليم نٿا ڪيون ڪئنال نامنظور نامنظور، ساگر بشير سومرو لکيو ته انڪشاف ناھي باقائدي ليٽر جاري ڪيو ويو آھي ته سنڌ اڃ ۾ ڀلي مرن، ارشاد پتافي لکيو ته وفاق جون ٻه ٽنگون سنڌ سان لاڳاپيل آھن اگر وفاق سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنڌ ۾ سنڌ گورنمينٽ کي وفاق کان الڳ ٿيڻ گھرجي پوءِ ڀلي وفاق سنڌو درياءَ خلاف ڪئنال ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري باقي سنڌ گورنمينٽ سنڌ دشمن منصوبن ۾ گڏ ھوندي ته عوام کي انھن کي نڪرڻ گھرجي، معشوق سولنگي به ردعمل ڏنو، عبدالرزاق لاشاري لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو سنڌي قوم تي جيڪا هينئر تائين خاموش آهي، حافظ عزيزالله لکيو ته انهن کي شرم اچڻ گهرجي، محبوب علي سومرو لکيو ته سنڌ سڪائڻ آهي، عرفان علي ملاح، محمد عارف به ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪيو، محمد بچل شر لکيو ته سنڌ به ان جي گيس بند ڪري، صدام شر لکيو ته پ پ وارن کي مبارڪون، عليم قادر جاگيراڻي لکيو ته رت وھائن باقي پاڻي نه ملندن، فياض جمالي، غلام نبي شر به ردعمل ڏنو، پير سيد انور راشدي لکيو ته نو مور ڪئنالز آن انڊس رور، صاحب بوزدار افسوس جو اظهار ڪيو، عمير احمد لکيو ته #NoMoreCanalsOnIndus محبوب علي جلالاڻي لکيو ته شيم شيم، علي جان دايو لکيو ته #Nocanalonindusriver حبيب سنڌي به ڪئنالن کي رد ڪيو، ايڊووڪيٽ فاروق جکراڻي لکيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال نامنظور، اي ڊي خان شر به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، سائينداد سميجو لکيو ته پنهنجن ۾ حال ناهي، ريحان بلوچ لکيو ته ويڙهه کانسواءِ ڪا واٽ ناهي، نظير بلوچ، علي گل ميمڻ، عبدالله رند، چانڊيو اسماعيل به سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف ردعمل ڏنو.