اشو آف دي ڊي/بلوچستان ۾ ٻوڏ: ڇا سنڌ ۾ به ٻوڏ اچڻ واري آهي

0
56
اشو آف دي ڊي/بلوچستان ۾ ٻوڏ: ڇا سنڌ ۾ به ٻوڏ اچڻ واري آهي

بلوچستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ويو اتي وري سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٿيڻ جي حوالي سان به پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ اڳواٽ انتظامن جي گهر ڪئي وئي. ان حوالي سان ايڊووڪيٽ حيدر عبدالنبي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رائيس ڪئنال کي بند ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، رائيس ڪئنال کي کوليو وڃي رائيٽ بينڪ کي هٿرادو کوٽ ڏئي معاشي قتل ڪرڻ جو پلان آهي، جنهن تي عارف حنيف ميمڻ لکيو ته هاڻي لڳي ٿو ته کلي ويو آهي، جميل احمد ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته درياءَ ۾ ٻوڏ آهي ۽ اسان وٽ پاڻي ڪونهي ھٿ سان آبادگارن کي تباهه ڪيو ٿو وڃي،سڄو پئسا کائڻ جو چڪر آهي، اهڙي صورتحال تي ارباب بروهي، عبدالرشيد عباسي، زبير احمد، نادر مغيري، اطهر حسين، عبدالمجيد، غلام مصطفيٰ بروهي، لالا ڪامران پٺاڻ ۽ ٻين به ردعمل ڏنو. تاج رند برسات ۽ ٻوڏ بابت پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته سڄو آگسٽ وسڪارا جاري رهندا. ڪنهن وڏي ٻوڏ جو انتظار ڪرڻ بدران قوم اڳواٽ پنهنجي گهرن، مال ۽ زراعت کي نقصان کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺي، ضروري ناهي ته وڏي ٻوڏ سِر تي اچي بيهي پوءِ هاءِ گهوڙا ڪريون، هر ڪٽنب اڳواٽ پنهنجي بچاءُ جون تياريون ڪري. آبادگار هر طرح جي فصلن ۾ انتهائي محتاط سان پاڻي جو استعمال ڪن. ته جيئن وڌيڪ برساتون پوڻ جي صورت ۾ فصل ٻُڏي وڃڻ کان بچي سگهن.

ٻهراڙي جا ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني جو راشن، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ مال جو چارو گڏ ڪري وٺن ته جيئن ٻوڏ جي صورت ۾ وڏي تڪليف کان بچي سگهن. پاڻي جا قدرتي لنگهه فوري طور کوٽيا وڃن ته جيئن امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ پاڻي فوري طور آساني سان نيڪال ٿي وڃي ۽ آباديون ٻڏي وڃڻ کان بچي سگهن. چناب درياءَ ۾ وڏي ٻوڏ جا وهڪرا ٻن ڏينهن اندر پنجند ذريعي سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندا ۽ گڊو وٽ وهڪرا 4 لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهن ٿا. سماجي تنظيمون ۽ رضاڪار ڪارڪن اڳواٽ گڏجاڻيون ڪوٺائي امڪاني دريائي ٻوڏ توڙي شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وٺن. جنهن تي ديدار ميراڻي لکيو ته ڊي سي سکر ھن سال ڪانٽينجنسي پلانگ لاءِ سماجي تنظيمن کي سڏيو ئي ڪونه، پوءِ خبر ناھي ته پلان به جڙيو الائي ڪونه. ھونئن به ھر سال ڪاپي پسٽ وارو ڪانٽيجنسي پلان جڙندو آھي، روي ڪمار لکيو ته اسان رضاڪاراڻي طور ڪم لاءِ تيار آهيون،  احمد نواز بروهي لکيو ته ايترو گهڻو پاڻي گڏ ٿيڻ جا امڪان نه آھن جو وڏي پئماني تي نقصان جو سبب ٿئي، محمد عرفان ڇٽو لکيو ته اڃا سنڌو ۾ گهڻي گنجائش آهي لڳ ڀڳ 13لک ڪيوسڪ وڌيڪ الله رحم ڪندو، ساحل ڦلپوٽو لکيو ته سنڌو درياءَ 13 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ کي جاءِ ڏئي سگهي ٿو.

تنهنڪري اهڙي ڪنهن وڏي ٻوڏ جو امڪان ڪونهي. باقي ڊيلٽا کي فائدو پهچي سگهي ٿو. ماجد مانجها لکيو ته سکر بئراج ۾ ايتري طاقت آهي جو 12 لک ڪيوسڪ پاڻي جي سٽ سهي سگهي؟. 2010ع ۾ ٽوڙي بند جو ٽٽڻ سکر بئراج کي بچائڻ جو سبب ڄاڻايو ويو هو آف دي رڪارڊ طور، جاويد کوسو لکيو ته 2010ع کان ھيل پاڻي وڌيڪ اچي سگھي ٿو سکر بئراج مان ڪيتري قدر پاڻي ڪراس ڪرڻ ٿيڻ  جي گنجائش آھي؟ارشد آزاد لکيو ته غريب ماڻهو ڪٿان اڳواٽ انتظام ڪن ماڻھن وٽ ھڪ ويلو کائڻ جيترو به ڪونهي، سنڌو صاحب لکيو ته جيڪڏهن ٻوڏ آھي ته پوءِ هٿ وٺي لاڙ کي ڇو تباهه ڪيو پيو وڃي لاڙ کي پاڻي ڏنو وڃي بدين کي پاڻي ڏنو وڃي، ثناءُالله لنجار لکيو ته سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته ڪراچي ۾ آباد ٿين، زاهد مرتضيٰ لکيو ته حڪومت ڇا ٿي ڪري، اسلام جتوئي لکيو ته غريب ۽ ڏھاڙي وارا مزدور ڪيڏانهن وڃن جيڪي روزڪمائين روز کائين انھن ويچارين جو ڇا ٿيندو، امانت علي شيخ لکيو ته پر ماڻهو ڏاڍا غريب آھن، اھي ڊيلي ڪمائيندا آھن تڏھن کائيندا آهن، ھڪ ئي وقت مھيني ٻن جو راشن ڪيئن اچي. عبدالقادر خان ٻرڙو لکيو ته اھڙي ڪابه صورتحال ڪونھي، سنڌو درياءَ جو پيٽ تمام گھڻو موڪرو آھي،  ھن سال وڌ کان وڌ پاڻي ڇھه لک ڪيوسڪ ٿي سگھي ٿو جڏھن ته سنڌو درياءَ ۾ ڏھ کان ٻارنھن لک ڪيوسڪ جي گنجائش آھي، برساتن جو سلسلو به سڀاڻي کان ٽٽي پوندو، راشد خشڪ لکيو ته غريب ماڻهو هڪ مهيني جو راشن ڪيئن گڏ ڪري سگهن ٿا، صابر صديقي، گل حسن کوسو، اسلم ڦل، ظهير علي، غلام نبي گهانگهرو به راءِ جو اظهار ڪيو. مصطفيٰ کهاوڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلوچستان جي ٻوڏ جو پاڻي ايم اين وي ڊرين ۾ ڇوڙ ڪري ھٿ سان ٻوڙايو ويندو، 2010ع واري ٻوڏ اچي سگهي ٿي.