بدين ۾ ڪتابن جو اسٽال ڊاهڻ تان سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ پوسٽ شيئر ڪندي اي جي حبيباڻي لکيو ته اي سي بدين جو عظيم ڪارنامو، ڪتاب نه کپن، ملڪ رڳو منشيات هجي، جنهن تي وسيم نظاماڻي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، ظهير نظاماڻي لکيو ته افسوس جو مقام آھي، ان عمل ۾تعاون ڪرڻ بجاءِ ابتو عمل ڪيو ويو. قاضي شاهد لکيو ته انتهائي دلگداز عمل آهي ڪتب جي حرمت جي توهين ناقابل برداشت آهي، سنڌ جا سرڪاري ڪامورا پنهنجي طاقت جو استعمال ائين ڪن ٿا جيڪو اڄ بدين ۾ عملي ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، حيف جيترو ڪجي بيحد ننڍو لفظ آهي، مشتاق علي لکيو ته مذمت ڪجي ٿي….شاهه مراد چانڊيو لکيو ته اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، حميد ڏيپلائي، خالد جمالي، در محمد جمالي، جاويد خاصخيلي، عبدالحميد کتري، علي خان مهيري، غوث جتوئي، توقير احمد، محمد عمران جوڻيجو به اهڙي عمل تي ردعمل ڏنو، شاهنواز منڌرو لکيو ته اي سي بدين سٺو ماڻھو آھي ـ انھي واقعي جو ضرور ڪو ٺوس سبب ھوندو. اوڀايو پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدين اي سي جي ڪتابن جي اسٽال تي ڪاھه، ڪتاب پٽ تي اڇلي شاميانا پٽي ڇڏيا، رضا آڪاش خاناڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدين ۾ ھر شھر جي ھر گلي ۽ ھر چوڪ توڙي ڳوٺ ۾ سرعام منشيات جو زھر وڪجي رھيو آھي، منشيات فروشن کي منٿلي عيوض تحفظ ۽ پروٽوڪول به عام ڳالھه آھي، ان خلاف ڪڏھن به ڪنھن ڪاموري کي ڪا غيرت ناھي آئي. بھرحال بدين شھر ۾ ڪتاب وڪرو ڪرڻ لئه لڳايل ڪتابي ميلي تي بدين جي اي سي ڪاھه ڪري ڪتابن جا اسٽال نه رڳو ڊاھي پٽ ڪيا آھن، پر ڀٽائي جي رسالي سميت ڪتابن جي تذليل پڻ ڪئي آھي. اسين سنڌ سرڪار کي چتاءُ ٿا ڏيون ته ھن علم دشمن اسٽنٽ ڪمشنر بدين کي فوري طور تي ھٽائي مٿس ڀٽائي جي رسالي جي تذليل جو ڪيس درج ڪيو وڃي. ٻين صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف علمي ادبي پليٽ فارمن تان اسان بدين جا سمورا اديب ، شاعر، صحافي، سياسي توڙي سماجي ڪارڪنن آڪاش انصاري جي اڳواڻي ۾ تاريخي احتجاج ڪنداسين. سنڌ جي شعور کي گذارش ٿا ڪريون ته ڪتاب ۽ علم دشمن بدين جي اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف اسان سان گڏ احتجاج ڪن ۽ آواز اٿارين. قادر داد خشڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدين شھر ۾ ڪجھه سماجي ورڪر دوستن پاران لڳايل ڪتاب ميلي ۾ اتان جي اسٽنٽ ڪمشنر جنھن جو تعلق مٺي شھر سان آھي ، ڪتابن جي اسٽالن تي ڀڃ ڊاھه ڪندي اتان جي ڪتاب فروشن کي مارڪٽ ڪئي آهي ، ڇا سنڌ حڪومت ، سنڌ کي به بلوچستان بنائڻ چاھي ٿي ، اسان سرڪاري آلا ڪارن کي گذارش ٿا ڪيون ته سنڌ کي بلوچستان نه بڻايو ، ڪتاب ڪو بم يا بارود ناھي جو انھي کي پابند سلاسل ڪيو وڃي، اسان حيدرآباد ريڊرس فورم سنڌ پاران ان عمل جي شديد مذمت ڪيون ٿا. علي محمد شاهاڻي، نفيس ميمڻ، سامي ميمڻ، واحد بخش ترڪ، حميد سومرو ۽ ٻين به ڪتابن جو اسٽال ڊاهڻ خلاف پوسٽون شيئر ڪيون. سانول گوپانگ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سخت عوامي ردعمل کانپوءِ اي ڊي سي بدين راجيش دلپت معافي وٺي ڪيمپ لڳائي ڪتاب خريد ڪيو، آڪاش انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدين ۾ ڪتابي ميلي جي واقعي تي سومري سنڌ پاران ردعمل کانپوءِ اي سي بدين پهچي پبلشرن ۽ اتي موجود ماڻهن کان معافي ورتي.