اشو آف دي ڊي … اهي همراهه ته ڳولي ڏيو جيڪي چوندا هئا ورلڊ ڪپ انڊيا جو آهي:آسٽريليا جي کٽڻ بعد سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا

0
145

 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا جي فتح ۽ ڀارت کي شڪست بعد سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، فلسطين لاءِ ڪرڪيٽ ميچ دوران گرائونڊ ۾ لهي آيل نوجوان جا به سوشل ميڊيا تي چرچا رهيا، ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا جي ڀاڪر پائڻ واري تصوير به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. ان حوالي سان عبدالحفيظ لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اميد آهي ته هاڻي انهن “ماهر سازشون” کي يقين اچي ويو هوندو ته راند پهريان محنت ۽ پوءِ سٺي قسمت سان کٽي ويندي آهي نه وري،

پچ بدلائڻ

بال بدلائڻ

ٽاس پري اڇلڻ سان وغيره وغيره.

                         اڄ جيڪو ڪولهي کان نه ٿيو سو هيڊ ڪيو ۽ بس اها ئي حقيقت آهي. جنهن تي مسرور پيرزادو لکيو ته اڄ باقي اهي سڀ ماڻھو جن چيو هو ته ”ڪپ انڊيا جو آھي ڇو ته فڪسنگ ڪئي اٿن“ اهي پنهنجي ڳالھه غلط ثابت ٿيڻ تي افسرده ناهن پر ڏاڍا خوش آھن، راجا چندن لکيو ته انڊيا ميچ کٽي ها ته ساڳيا همراهه چون ها ته ميچ فڪس هو پر هاڻ جڏهن هارائي وئي ته سڀ خوش پيا ٿين انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيت محنت سان ملندي آهي نه ڪي قدرت جو نظام بدلجڻ سان، رضا آڪاش لکيو ته رات آسٽريليا جو ڪيپٽن پچ جي ويڊيو ٺاھي پاڻ وٽ رکي ، رات نه وڃي ھا ته خبر پويس آ، حقيقي چيئمپين نيوزيلينڊ ھئي جنھن کي انڊيا پچ تبديل ڪري ھارايو، اويس انور لکيو ته مسئلو اھو ھو جو سامھون آسٽريليا جھڙي ضِدي ٽيم ھئي، جنھن سان نه ئي ڪا ٺڳي ڪري سگھجي ٿي ۽ نه ئي ڪا ٻَه نَمبَرِي…… نه ته آسٽريليا بي سي سي آءِ  کي وائکو ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪري ھا. ھونئن به آسٽريليا انڊيا کي واھه جو سُوگھو ڪيو. جاويد احمد لکيو ته آسٽريليا کي ڇهون ڀيرو ورلڊ چيمپئن بڻجڻ تي مبارڪون ڏيون ٿا، فقير آزاد سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي انڊيا جي محنت تي بار بار طنز ڪندي چوندا هُيا ته آءِ.سي.سي انڊيا جي ئي آهي ۽ ورلڊ ڪپ انڊيا پاران خريد ڪيو ويو آهي ته  فائنل مئچ اُنهن لاءِ چماٽ آهي. انڊيا سان جيڪا ناانصافي ٿي ٽيم اُنهي کي نظرانداز ڪندي مئچ کي جاري رکيو. انڊيا جي رانديگرن جي محنت کي نظرانداز ڪرڻ نامناسب عمل هوندو، هُو پنهنجي وطن جي عزت لاءِ کيڏن ٿا، فائنل ۾ به اُنهن محنت ڪيئي ها باقي ايئن ضرور چئي سگهجي ٿو ته فيلڊنگ ۾ ڪمي رهي پر پوءِ به گهٽ اسڪور تي اُنهن آسٽريليا کي آساني سان کٽڻ ڪونه ڏنو. جنهن تي شڪور خاصخيلي لکيو ته راند ۾ هار جيت ٿيندي آهي باقي انڊيا هڪ بهترين ٽيم آهي اهو ثابت انڊيا جي ٽيم ڪري ڏيکاريو، اي جي حبيباڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھندستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي سموري مڳي اڄ ڌوڙ ٿي ويئي. ايم صفر گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دل گارڊن گارڊن هوگيا..آسٽريليا جي ٽيم انڊيا، کي پنهنجي ئي گهر ۾ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽي ورتو، آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آسٽريلين اوپنگ بيٽسمين ٽريوس هيڊ ڪمال جي اننگ کيڏي ۽ ٽيم جي ڪاميابيءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪرڪيٽ آ لازم آجيڪو سٺو کيڏندو اهو ئي کٽيندو فائنل آسٽريليا انڊيا کان سٺو کيڏي ان ڪري ڪاميابي جا حقدار بڻيا. پر اسان سنگت وانگر ٽاس جو بهانو، پچ ۽ بال جي تبديليءَ جا فالتو جواز ۽ بهانا ڪرڻ بجاءِ کين داد ڏيون ٿا آسٽريلين سپورٽر دوستن کي مبارڪون.روميصه ملڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گهر ۾ گهڙي مارينداسين ان جو آسٽريليا واضح مثال آهي، سرمد ادل سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آسٽريليا کي ورلڊ ڪپ کيڏڻ به ايندو آھي ۽ کٽڻ به’ پيٽ ڪمنز جي سموري سٿ کي ڇهون ڀيرو مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ کٽڻ جو انيڪ واڌايون. سموري ايونٽ دوران ڪيئي يادگار لمحا ڏيندڙ روھت اليون لاءِ نيڪ خواهشون… پريم سوني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ورلڊ ڪپ فڪس ٿيل ھو ته پوءِ آسٽرليا ڪيئن کٽيو؟ انڊيا ڪيئن ھارايو ڪو ڪرڪيٽ جو ايڪسپرٽ ان ڳالهه جو جواب ڏيندو، عابد علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اھي يارڙا ته ڳولي ھٿ ڪريو جيڪي لکندا ھئا ته مون اڳ ئي چئي ڇڏيو ھو ورلڊ ڪپ انڊيا جو آھي. ياسر خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آسٽريليا انڊيا کي تاريخي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ پنھنجي نالي ڪري ورتو انڊيا جا خواب چڪنا چور ٿي ويا، ناقص پچ سبب انڊيا هارائي ويو،