اشو آف دي ڊي … اسرائيل گوڏا کوڙي ڇڏيا، ايران پنهنجي دفاع جي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، ٽرمپ وڏيرو بڻيل رهيو: سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
26
اشو آف دي ڊي ... اسرائيل گوڏا کوڙي ڇڏيا، ايران پنهنجي دفاع جي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، ٽرمپ وڏيرو بڻيل رهيو: سوشل ميڊيا تي تبصرا

 ايران ۽ اسرائيل ۾ جنگ واري صورتحال کان جنگبدي تائين سوشل ميڊيا تي تبصرا ڪيا ويا، جنگبندي کي ايران جي فتح قرار ڏنو ويو، آمريڪا ۽ اسرائيل  کي هارايل سڏيو ويو، ٽرمپ کي وڏيري جي لقب سان به نوازيو ويو. ان سلسلي ۾ عنايت الله لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران پنھنجو دفاع ڪندي تاريخ رقم ڪئي آھي دنيا ۾ ڪو به ملڪ ايئن نٿو ڪري سگھي جنھن ملڪ جا 4 ڏينھن اندر 2 آرمي چيف، سان گڏ ٽاپ فوجي قيادت سائنٽس شھري شھيد ڪيا وڃن ۽ فوجي تنصيبات شھرن  تي حملا ڪيا وڃن جوھري پلانٽس تي بمباريءَ ڪئي وڃي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجيءَ سڀني کان اڳڀري رياست اسرائيل جھڙو دشمن سامھون ھجي ان سان گڏ سپر پاور به ميدان ۾ توھان تي حملا آور ٿئي اتي بردباري بھادري سان پنهنجي ملڪ پنهنجيءَ قوم جو دفاع ڪرڻ ساڻ گڏ دشمن جي گھر ۾ گڙي ڪري ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ انھن رياستن کي جنھن سان دنيا سڄي گڏ ھجي سپر پاور ھجن ٽيڪنالاجيءَ پيسو ھٿيار سڀ ڪجھه انھن وٽ ھجي اھو ڪنھن معجزي کان گهٽ ناھي جيڪو ايران ڪري ڏيکاريو آ.جنهن تي محمد بخش ٻگهيو لکيو ته بلڪل اها حقيقت آهي. گل ميتلو ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان شيئر ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته سڀني کي مبارڪون! اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ قطعي طئي ٿي ويو آهي ته هڪ مڪمل ۽ مڪمل جنگبندي (اٽڪل 6 ڪلاڪن کانپوءِ، جڏهن اسرائيل ۽ ايران پنهنجا هلندڙ، آخري مشن مڪمل ڪندا)، 12 ڪلاڪن لاءِ لاڳو ٿيندي، جنهن کان پوءِ جنگ کي ختم ٿيل سمجهيو ويندو! رسمي طور، ايران جنگبندي جي شروعات ڪندو ۽ 12هين ڪلاڪ تي اسرائيل جنگبندي شروع ڪندو، ۽ 24هين ڪلاڪ تي، 12 ڏينهن واري جنگ جو رسمي پوڄاڻو عالمي طور تي ساراهيو ويندو. هن جنگبندي ۾، ٻنهي پاسن کي پرامن ۽ عزتدار رهڻو پوندو. جيڪڏهن سڀ ڪجهه جيئن ٿيڻ گهرجي تيئن ٿيو (۽ ٿيندو)، ته مان ٻنهي ملڪن، اسرائيل ۽ ايران کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن صبر، همت، حوصلي ۽ عقل سان جنگ جو خاتمو آندو. ان جنگ کي “12 ڏينهن واري جنگ”سڏڻ گهرجي. اها هڪ اهڙي جنگ هئي، جيڪا سالن تائين هلي سگهي پئي، ۽ پوري وچ اوڀر کي تباهه ڪري سگهي پئي—پر اهو نه ٿيو، ۽ ڪڏهن به نه ٿيندو! خدا اسرائيل کي، ايران کي، وچ اوڀر کي، آمريڪا کي ۽ سڄي دنيا تي پنهنجي ٻاجھه ڪري. (ٽرمپ) . ع لي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  شروع به نه ٿي پڄاڻي به ٿي وئي، عالمي سفارتڪاري ذريعي جنگبندي جون خبرون اعلان تمام گھڻا ٿيا ھئا ۽ ڪوششون به ورتيون پئي ويون رڳي اعلان ذريعي باضابطا طور تي ڪو به معاهدو نه ٿيو ھيو پر ڪوششون ھيون، ايران جنگبندي ڪرڻ جي لاءِ پنھنجا شرط رکيا ان شرطن کي مڃڻ کانسواءِ ڪا به جگبندي ناھي ڪئي وئي، اسرائيل طرفان امريڪا جي چوڻ تي جگبندي ڪئي پر ايران قبول ئي ناھي ڪيو، ٻين مطالبن سان گڏ ايران ھڪڙو اھو به ھيو ته جنگ دٻاءَ ذريعي نه پر برابري جي بنياد تي ٿيڻ گھرجي، ھاڻي اطلاع مليا آھن ته ايران طرفان اسرائيل تي 2 ميزائيل فائر ڪيا ويا آھن انھن کي اسرائيل انٽرسپيٽ ڪيو آھي اسرائيل جي دعويٰ، اسرائيل پنھنجي فوج کي حملي جي لاءِ تيار ڪري ڇڏيو، جنگبندي تي عمل نه ڪرڻ بعد ٽرمپ چيو ته مان اسرائيل ۽ ايران ٻنهي کان خوش ناهيان جنهن تي حفيظ سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڏيري کي عزت ڏيو، يوسف سيف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسرائيل ايران جنگبندي ٿي رهي آهي وڏيرپ ساڳي آمريڪا وٽ آهي، معراج سنڌي ٽرمپ جو بيان شيئر جنهن ۾ هن چيو ته آيت الله خامنه اي، نيتن ياهو منهنجون ٻانهون آهن، انهي تي معراج لکيو ته ڀائرن جهڙا دوست. دلشاد ڀٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي جديد جنگي ٽيڪنالاجي ۽ ھٿيار استعمال ڪرڻ.ايران جا چونڊ ٽاپ فوجي جنرل ۽ ايٽمي سائنسدان شھيد ڪرڻ کانپوءِ ايران اسرائيل کي اھڙي سيکت ڏني آھي جو سالن تائين ياد ڪندو. جيڪڏھن حماس .شامي گروپ ۽ حزب الله سرگرم ٿئي ھا جنگ ٻارھن ڏينھن بجاءِ پنج ڏينھن به مس ھلي ھا.اسرائيل کي نيست نابود ڪري ڇڏين ھا. ٻيو ايران ۾ رجيم چينج جو خواب سالن تائين اڌورو رھجي ويو. آپريشن Rising Loin نيتن ياھو سان گڏ پورو ٿي ويو.. جنهن تي جاويد ڀنڀرو لکيو ته ايران سان روس چائنا گڏ ٿي ويا پاڻ به همت ڪري وڙھيو عزرائيل ۽ انجي خاموش ساٿارين کي اهيو وهم گمان نه هيو ته ڪو ايڏي مزاحمت ٿيندي، امين سلطان لکيو ته سامراجي قوتن هميشه سازشن جو کٽيو کاڌو آهي سو ماٺ ڪري ڪونه ويهندا موساد ۽ سي آءِ اي ڪو نه ڪو سازشن جو ڄار ضرور پکيڙيندا، ولي محمد خاصخيلي لکيو ته ايران جو وڏو نقصان ٿيو آھي، ايٽمي ٺڪاڻا تباھ ڪيا ويا، فوج جا جنرل، ايٽمي سائنسدان ۽ ٻيا گھڻا اھم ماڻھو مارجي ويا ۽ ٻيو جنگي نقصان جدا ٿيو.الله بچايو جمالي به راءِ جو اظهار ڪيو،  ته ھاڻ گس تي آيو آھين جنگ جي پھرين ڏينھن ڇا پي لکئي ؟ نويان خان لکيو ته سوشل ميڊيا جي جنگ کٽي اٿس باقي ٽرمپ جي چوڻ تي فائر بندي ٿي وئي آهي، وحيد شر لکيو ته آمريڪا جي اڳيان رجيم چينج ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ناھي، اعظم علي سومرو لکيو ته اِن ڳالھه ۾ واقعي ڪو به شڪ ناهي ته شروع ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيڻ کان پوءِ به ايران جنهن همت، بهادري ۽ ناقابلِ شڪست جذبي سان وڙهيو آهي، اُن اسرائيل کي مختلف پاسن کان وڏو نقصان رسايو آهي ۽ اسرائيل جي نا قابل شڪست هجڻ واري افسانوي قلعي کي چڪنا چُور ڪري ڇڏيو آھي . خالد حسين بوزدار لکيو ته ايران وڏي بهادري سان ويڙهه ڪئي،  صبا راني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران کٽي ويو، مبارڪون سڀني کي آمريڪا ۽ اسرائيل هار مڃي ورتي، نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته روس طرفان ايران جي مدد ۽ ايران کي ايٽمي ھٿيارن سان ھٿياربند ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ آمريڪي حڪمرانن جي مٿي جي جونءَ چرڻ پرڻ بند ڪري ڇڏيو. اڄڪلھه روس وٽ اوريشنڪ نالي وارو ھڪ اھڙو ميزائيل آھي، جنھن جو ٽوڙ يورپ ته ٺھيو پر آمريڪا وٽ به ناھي. اھو ايٽمي ميزائيل ناھي پر تباهيءَ ۾ ڪنھن ايٽم بم کان گهٽ به ناهي. ان ميزائيل جو روس طرفان نومبر 2024 دوران يوڪرين جنگ ۾ نيپرو محاذ تي تجربو ڪيو ويو ھو. روس ايران وفدن جي ملاقات دوران ميڊيا ۾ ڳالهيون ھلن پيون ته اوريشنڪ ميزائيل ايران ۾ به ائين نصب ڪيو ويندو جيئن بيلاروس ۾ نصب ڪيو ويو آهي. روس جي اھڙي سنجيده ڌمڪين ۽ چين ۽ نارٿ ڪوريا طرفان به ايران سان ساٿ ڏيڻ وارن اعلانن کان پوءِ آمريڪا وٽ پوئتي ھٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو. ٽين عالمي جنگ ۽ آمريڪي شھرن تي حملي جو خطرو ستائڻ لڳن. فوري طور تڙ تڪڙ ۾ وائيٽ هائوس مان ايران اسرائيل جنگ بندي جو ھڪ طرفو اعلان ڪيو ويو. نه ڌرين جون ڳالهيون ڪرايون ويون ۽ نه ئي ڪو جنگ بنديءَ جو لکت ۾ ٺاھه ڪرايو ويو. جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو…. اھم ڳالھ ھيءَ آھي ته ايران اسرائيل جنگ ۾ آمريڪا خود ھڪ مکيه ڌر ھئي. مکيه ڌر جو پوئتي ھٽڻ وارو عمل سندس شڪست کي ظاھر ڪري ٿو. ٽرمپ جھڙا ڪم ته اسان جا جرڳائي وڏيرا به ڪندا آھن. جهيڙيندڙ ڌرين کي سلام موڪليندا آھن ته جيستائين فيصلو ٿئي تيستائين ڪابه ڌر اڳرائي نه ڪري. ھر ڪوئي پنھنجي پنھنجي حد ۾ رھي. ٽرمپ به سنڌي وڏيرن جو شاگرد ٿو لڳي. جنهن تي سڪندر صنم جهنڊيل لکيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا جو گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيڻ جو ڪارڻ ننڍڙي قد وارو ڪوريا جو ڪم، صدر پيوٽن ۽ چائنا جو ايران کي، سهڪار جي آڇ ڪرڻ سبب آمريڪا کي جلاب اچي ويو، صحبت ٻرڙو لکيو ته پيوٽن کي به گهٽ نه سمجهو، بهرحال سوڀ آمريڪا جي ٿي، اسرائيل به ڪاميابي جو اعلان ڪيو ۽ ايران به فاتح ٿيو، اسان ۽ توهان کي رڳو مبارڪون مليون. جيسراڻي برما لکيو ته رات حيران ڪري ڇڏيائين، اسان سمجهون پيا هاڻي پاڻ به ملهه کڻندو پر هوا نڪري ويس، منصور جتوئي لکيو ته پيوٽن ٻارنهن ڏينھن خاموش رھيو ھاڻي جڏھن جنگبندي ٿي وئي ھاڻي ٿو ڊاڙون ھڻي، ايران پاڻ اڪيلو بهادري سان وڙهيو جنھن جي آمريڪا کي توقع ئي نه ھئي. حبدار علي چانڊيولکيو ته سائين هاڻي رئيس ٽرمپ خان پنهنجو پٽڪو بچائڻ لاءِ تڙ تڪڙ ۾ پورو آ ڇو ته روس ۽چين سندس پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ ۾ رڌل آهن. سليم خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  امريڪا جي ٽياڪڙي تي ايران اسرائيل ايران جنگبندي جو اعلان، ايران پنهجي تاريخي ڪردار زنده رکندي آخر تائين گوڏا نه کوڙيا ايراني قوم تاريخ ۾ سرخرو ٿي وئي، حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڳوٺن ۾ جڏهن ڪو ڪمزور ماڻهو وڏيري جي ور چڙهي پادر کائيندو آهي ته اتي هڪ اهڙو شريف ماڻهو به هوندو آهي، جيڪو وڏيري کي چوندو آهي ته “سائين! همراهه صفا لوسي آهي پر تون صبر ڪر” ٻاهر نڪري وري موچڙا کائيندڙ کي چوندو آهي ته يار وڏيرو ظالم آهي، توسان بيواجبي ڪيائين، آئون توسان گڏ آهيان، نوٽ: هن پوسٽ جو تازي صورتحال سان ڪو به تعلق ناهي، زنگيجو ستار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسرائيل ۽  ايران ڀائي ڀائي، امن ٿي ويو، امن ٿيندو ئي تڏهن آهي جڏهن رياستون هڪٻئي کي ڪجهه نه ڪجهه تسليم ڪنديون آهن،  آمريڪا بهادر کي ايران ۽ افغانستان ۾ قائم رکڻيون آهن، جيئن پاڻ به قائم و دائم  رهي، ڊپ ڀئي جو ڪاروبار هلندو رهي،  شبانه ناز شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران کٽي ورتو، مبارڪون سڀني کي آمريڪا ۽ اسرائيل هار مڃي ورتي..هدايت الله راهمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امت مسلم کي مبارڪون، اسرائيل آمريڪا ايران جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا، جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو آهي. بلال علي گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران اسرائيل آمريڪا جنگبندي جو اعلان ٿي ويو، اهي پاڻ ۾ ٺهي ويا هاڻي هتي اسان پاڪستانين جي هڪٻئي مان جان ڪير ڇڏائي هڪٻئي تي گارين جي ميزائيلن جي هڻ هڻان لڳي پئي آهي. ديدار خان مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران اڪيلو ٿي ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل جي منھن تي دانگي ملي ڇڏيو. عثمان غني ميمڻ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيل هو ته نور وار وٿ ايران.