آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي ۾ ٿيل تڪرار بعد سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي، ڪو ٽرمپ کي ته ڪو وري زيلنسڪي کي درست قرار ڏئي رهيو آهي، ڪي وري ٽرمپ کي وڏيرو سڏي رهيا آهن ته ڪي وري زيلنسڪي کي بهادر ڪوٺي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽرمپ جي يوڪريني صدر سان ڪيل بدتميزيءَ ۾ ڪجھه بِه نئون ناهي سواءِ ان جي تَه ان کي نشر ڪرايو ويو. سڀئي حاڪم ڪمزور حڪمرانن سان ائين ئي ڳالهائيندا آهن. پاڻ وٽ تَه ڌڪ چنبا بِه هڻندا آهن، جنهن تي مصطفيٰ کهاوڙ لکيو ته مطلب وڏيرو اسٽائيل، شبير پياڪ لکيو ته هن ۾ سڀ ڪجهه آهي. هن ۾ آمريڪا جي نام نهاد جمهوريت، انساني حقن جي ڳالهه، آزادي، قومن جي برابري واري دعويٰ.. اهي سڀ ڌوڙ ٿي ويون آهن. آمريڪا جي عظمت وارو جهنڊو به ليڙون ليڙون ٿيل آهي. قاضي آصف لکيو ته يوڪرين، آمريڪا جي پاران ڏنل هٿيارن جي خيرات تي پئي ٽڏيو. امتياز مکڻ لکيو ته زيلنسڪي کي ٻڌائي رهيو هئو ته پئسا جيڪي جنگ ۾ اوهين پيا خرچ ڪريو اهي توهان جا پنهنجا ڪونه آهن. ظاهر آهي جيڪي پئسا ڏيندا اهي ڇڙٻ ته ڏيندا. پاڻ وٽ وري ڪجھه ڪم ٿورڙو مختلف آهي. هڪ ڏينهن 20 گريڊ جي آفيسر سان ڳالھه ٻولھه ٿئي ته ان ٻڌايو ته ماهوار پئسا به کاتي جي نگران کي پهچايون ٿا . پر پوءِ به گاريون وري الڳ سان ٿيون ٻڌڻيون پون . نظام شيخ لکيو ته ڌڪ چنبا نه ته گار گند ضرور ٿي هوندي، ڀلي پرپٺ ئي ٿي هجي، پر زيلنسڪي جي لباس، پھچ ۽ دليلن کان وانجهيل بي ربط ڳالهين مان هي شخص ڪنهن ڪنڊ کان ڪنهن ملڪ جو سربراهه ڪونه پئي لڳو. افسوس، اهڙي ماڻهو جي ڪري اُهو ملڪ ۽ ان جو عوام ڀوڳيندو. ڪمال لاشاري لکيو ته ڌڪ چنبن ۾ نه سمجهيو ته ڪجهه دير اندر به ڪرائي ڇڏيندا آهن…… دائود زئور لکيو ته سندس شڪل مان ھلڪڙائپ ظاهر ڏسڻ ۾ ايندي آ، آمريڪي صدرن مان وڏو ٽرڙو ٽرمپ پنھنجو مٽ پاڻ آ، شمس الدين زئور لکيو ته منهنجي حساب سان صدر ٽرمپ جي جنگ ختم ڪرڻ واري پاليسي جي حمايت ڪرڻ گهرجي . زيلنسڪي يهودي آهي ۽ نيتن ياهو جيئان ضديرو به، گلبهار لکيو ته گفتگو لاءِ اخلاق طور مضبوط ٿيڻو پوندو، گل حسن کوکر لکيو ته توهان بلڪل صحيح نشاندهي ڪئي. بين الاقوامي سياست ۾ طاقتور ملڪ ۽ سندن اڳواڻ اڪثر ڪمزور يا ننڍن ملڪن سان اهڙو رويو رکندا آهن، پر فرق رڳو ايترو آهي ته ڪڏهن اهو منظرعام تي اچي ويندو آهي ته ڪڏهن نه. تاريخي طور تي، وڏي طاقتن جا اڳواڻ پنهنجن مفادن کي اڳيان رکندي ڪمزور حڪمرانن تي دٻاءُ وجهندا رهيا آهن، پر جڏهن اهڙا واقعا ميڊيا جي نظرن ۾ ايندا آهن ته اهي وڌيڪ بحث هيٺ ايندا آهن. يوسف رستماڻي لکيو ته اها جنگ به آمريڪا پاڻ شروع ڪرائي ۽ هاڻي ٽرمپ جي اهڙي رويي کي ڏسي آمريڪن عوام ۽ سڄي دنيا، حيران ۽ پريشان آهي، انجنيئر وقار علي سومرو لکيو ته غلام سان ڳالھه ٻول ائين ئي ٿيندي آهي، اجمل باجڪاڻي لکيو ته ٽرمپ پردي پويان رهڻ نه ٿو چاهي هو آمريڪي عوام کي سڀ ڪجهه صاف ڏيکارڻ چاهي ٿو. عوامي نمائندن کي ائين هجڻ گهرجي. ايڊووڪيٽ واجد نوتڪاڻي لکيو ته ٽرمپ ريسلر به رهيو آهي ان ڪري پاڪستاني حڪمران ٿورو وڌيڪ احتياط ڪن، لال نند لکيو ته ٽرمپ اصلي امريڪن چهري جو سڌو عڪس آهي، ٻين وانگر پردي پويان ڪجهه نه ٿو رکي جيڪا ڳالهه چوڻي هوندي اٿس ته اها صاف چئي ٿو ڏي، اها همت هر ڪنهن۾ ناهي،ضروري ناهي ته هو اسانجي ٻولي ڳالهائي، آغا رياض احمد لکيو ته ھيڏا دڙڪا ٿو ڏيس پوءِ وري هن جا يار يورپي يونين وارا ڇو خاموش آهن. اويس گل ميمڻ لکيو ته اسان وٽ روز اھڙا اسٽائيل ٿيندا آھن، وڏيرن جي اوطاقن تي، اسپتالن۾ ڊاڪٽر، جج مجرمن سان وڪيل وري ججن سان، پوليس عوام سان، سياستدان ڪامورن سان، ڪامورا وري مظلوم ماڻھن سان، رياستي ادارا شھرين سان، نئين ڳالھه ناھي ، غلام مرتضيٰ سومرو لکيو ته اسان وارو ھمراھه ويندو ئي ڪونه ميڊيڪل ليو ڪري ڇڏيندو، خالد حسين بوزدار لکيو ته ڪجهه به آهي پر يوڪرين صدر مڙس ماڻهو آهي ننڍڙو ملڪ روس سان مزاحمت ڪيائين گوڏا ڪين کوڙيائين، خليل قاضي لکيو ته زيلنسڪي جي جرئت ۽ ٽرمپ سان پر اعتماد ڳالھائڻ وڻيو، ناريجو نصير احمد لکيو ته پراڪسيءَ جو حصو ٿيندا ته ائين ئي ٿيندو! محمد علي لکيو ته يوڪرين نيٽو جي ٽيڪ تي روس سان جنگ جوٽي ويٺو پر هاڻ ڌڻي نٿا ٿينس، معصوم بخاري لکيو ته ٽرمپ چهري مان ئي بدتميز لڳندو آهي. هن جي عام گفتگو به بدتميزيءَ جي ئي ذمري ۾ اچي ٿي. هڪ ملڪ جي سربراھه جي حيثيت ۾ سندس چهرو ۽ لهجو سدائين شائسته هجڻ گهرجي. جيڪو ڪڏھن به نظر ناهي آيو. هونئن به آمريڪا باقي ملڪ کي پنهنجي ماتحت سمجهي ٿو ان ڪري کيس ان ڳالھه تي به سدائين ڦوشر رهي آهي. باقي اسان وارن سان جيڪا ٿيندي آهي اها ميڊيا تي اچي ته اسان ڪٿي به منهن ڏيکارڻ جا نه رهون. الله بخش ڀنڀرو لکيو ته ڪجھه ڏينهن پھريان اردن جي صدر سان به ايئن ڪيو ھو، حسين منظور لکيو ته رڳو ڌڪ چنبا بوٽ به ھڻندا آهن، غلام علي سومرو لکيو ته ٽرمپ ابو آھي انھن جو جيڪڏهن ٻه چنبا لڳي به ويا ته خير جھڙي ڳالھه آھي، اسلم بلوچ لکيو ته چون ٿا تي يوڪريني صدر به چيس ته اوھان ڏٽا ڏئي مارايو آھي اسان کي. محمد علي لغاري لکيو ته ٽرمپ ايندڙ چار سال ايئن ئي ڪندو رھندو ، ھي آمريڪا کي انٽرپرائيز طور ھلائيندو ، ھن جو چوڻ درست به آھي ته آمريڪي اسٽبلشمينٽ زبردستي ھر ھنڌ وڏيڪ پئسو ڏئي پاڻ کي نمبر ھڪ سڏرائڻ ٿي چاھي ، جيئن سندس چوڻ ھو ته WHO کي سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ پئسا اسان ڏيون ٿا جڏھن ته اسان جي آبادي ٽي سو ٽيھه ملين وغيره آھي ۽ چيني آبادي ھزار ملين جي آھي آھي صرف پنج سيڪڙو پيا ڏين؟؟؟
جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽرمپ ڊپلوميٽڪ اخلاقيات جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا! مفادن جي آڏو ڪا اخلاقيات ناهي! جنهن تي سونا خان لکيو ته روس کي راضي ٿو ڪري جيئن غزا تي قبضو ڪري سگهي، عبدالمجيد چانڊيو لکيو ته پاور پاليٽڪس ۾ ڪا اخلاقيات نه هوندي آهي. ٽرمپ ريئلسٽ اسڪول آف ٿاٽ سان تعلق رکي ٿو. مارگنٿائو جو ڪتاب Scientific Man V/S Power Politics پڙهڻ جهڙو آهي جيڪو IR جي نصاب ۾ شامل به آهي. علي حامد لکيو ته زيلنسڪي به حيثيت آھر گھٽ نه ڪئي اٿس، آصف ٿيٻو لکيو ته ڊپلوميٽڪ توڙي ڊائيلاگ ۾ ائين ٿيندو آهي. ميڪاويلي جو پرنس پڙهو سياست جون ڪي به اخلاقيات ناهن ھونديون. ڊپلوميسي جا قسم آهن سافٽ ۽ هارڊ. ڪير ڳالھه نٿو مڃي ته ان کي طاقت جي ذريعي ڳالھه سمجهائي ويندي آهي. آمريڪا 3.5 بلين جي جنگ ۾ مدد ڪئي، جنگي سامان ڏنو ان اڳيان ته هي ڌر ڪمزور ٿي نه ايتري قدر جو ٽرمپ چيس تو وٽ ڪجهه به ناهي. ڪي پتا ناهن، تنهنجي ڪا پوزيشن ناهي. پراون پئسن تي ٻن سالن کان جنگ وڙهيا آهن. ٽرمپ مطابق تنهنجي پوزيشن تڏهن مظبوط ٿيندي جڏهن تون ڊيل کي تسليم ڪندي.
زنگيجو ستار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽرمپ جيڪا زيلنسڪي سان ڪئي تنهن جو هو حقدار هو، جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حل ناهي، جنهن تي علي معشوق هاليپوٽو لکيو ته زيلنسڪي کي سرخ سلام، جوان جي پٽ سڌو سنئون سوال جواب ڪيو، اسان وارا همراهه ته بس چپ هوندا آهن، برفت اصغر لکيو ته زيلنسڪي مٿان جنگ مسلط ڪئي ويئي آھي ھو وطن جي دفاع ۾ پيو وڙھي، ڇا ھو روس کي اھا زمين ڏئي ڇڏي جيڪا روس کي ڊفينس اسٽريٽجي لاءِ يوڪرين کان کسڻ ٿو چاھي؟ علي زلفي لکيو ته اھو روي ڪيئن. روس ھنن تي حملو ڪيو ھاڻ وري ھي راڪاس سندس معدنيات ڦرڻ گھري ٿو. سو مونکي ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته جنگ ھن ڪيئن شروع ڪئي!؟ لياقت علي لکيو ته هي اصل اداڪار آهي، ان جي هن کي حقيقي جنگ اداڪاري وانگر پيو سمجهي، زاهد راڄپر لکيو ته بلڪل، پير مظهر لکيو ته غلط، جي ايم حيدر لکيو ته متفق.