اشو آف دي ڊي … آسمان کان شهاب ثاقب ڪرڻ جو منظر، زمين روشن: ماڻهو حيران ۽ پريشان، سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا

0
32

 ڪراچي ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات آسمان تي شهاب ثاقب ڪرڻ جو منظر ڏٺو ويو، اهڙي نظاري کي ڪيترن ئي شهرين ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪري ورتو، سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيوز وائرل ٿي ويون، جنهن بعد ماڻهن پاران حيراني ۽ پريشاني جو اظهار ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهاب ثاقب ڪِرڻ جا منظر، ڳوٺن جا اٻوجهه ماڻهو، قيامت جو خوف ۽ ڊونيشن مهم، اهو ڌنڌو ننڍي هوندي کان ڏسون پيا، جنهن تي ضياءَ الرحمان لکيو ته قيامت تائين اهو ڌنڌو هلندو، مشاهد نهڙيو لکيو ته باقاعده لڳي پيا آهن توبهه توبهه جي به وٺ وٺان لڳي پئي آهي، عنايت بلوچ لکيو ته صفا اهڙي ڳالھ به ناهي . هاڻي اسان جون ٻهراڙيون به اپڊيٽ ٿين پيون، ڪامريڊ امير جان چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته  ڪراچي ۾ هڪ پراسرار شيءِ آسمان مان ڪرندي نظر آئي آهي، جنهن تي سارنگ منير سومرو لکيو ته مون پاڻ ڏٺي، خالد حسين بوزردار لکيو ته ڪراچي وارا پاڻي جي مسئلي تي خاموش آهن سو اها ڏيکاري آهي مالڪ پاران اٿو پنجاب کي ڪئنالن جي معاملي تي روڪيو، فياض علي ميمڻ به ردعمل ڏنو، ذوالفقار سولنگي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته 2 لڳي 44 منٽن تي آسمان مان ستارو ھيٺ ڪرندي تيزيءَ سان ھيڍ ويو ھاڻي جنھن پوري آسمان کي لال ڪري ڇڏيو سڄو آسمان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ زمين تي ان جي روشني ايتري تيز ھئي جو ڏينهن کان وڌيڪ باھه وانگر، جنهن تي محمد اسلم لکيو ته ھي شھابي پٿر آ جيڪي ننڍڙا ھوندا آھن جڏھن زمين جي فضا ۾ داخل ٿيندا آھن ته سڙي خاڪ ٿي ويندا آھن سڙڻ دوران ڪنھن وڏي ٻرندڙ شعلي وانگر نظر ايندا آھن اھا عام ڳالھه، تنوير کچي لکيو ته الله سائين جي قدرت آھي، قيامت جي نشاني آھي، سنڌو درياءَ ۾ 6 ڪئنال ٺھڻ جو ڏمر آھي، سڄڻ علي لکيو ته اھو قدرت طرفان شوڪاز ليٽر آهن سڌرو ته سڌرو نه ته ميار نه ڏجو، الطاف حسين قمبراڻي لکيو ته ڪاٿي ۽ ڪھڙي علائقي ۾ رب پاڪ رحم ڪندو اسان مسلمانن جي مٿان، اسد سومرو لکيو ته شھابي پٿر آ پريشان نه ٿيو، اسدالله پنهور لکيو ته بلڪل انهي ٽائيم تي روشني ٿي هئي، تنوير گل به اهڙي تصوير رکي، امتياز امر به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، عزير جان مينگل به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، اڪبر بلوچ لکيو ته شھابِ ثاقب (شِهَابٌ ثَاقِبٌ) هڪ عربي اصطلاح آهي، جيڪو قرآن پاڪ ۾ پڻ استعمال ٿيو آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو مطلب “چمڪندڙ يا چيريندڙ شوٽنگ اسٽار” آهي. اهو اصطلاح عام طور تي آسمان ۾ ڏسجندڙ شوٽنگ اسٽارن (Meteor) لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي تِرن وانگر چمڪندي نظر ايندا آهن. قرآن شريف ۾ (سورة الصافات، آيت 10) “شهابِ ثاقب” جو ذڪر ٿيو آهي، جيڪو ان شعلا نما روشنيءَ جي طرف اشارو ڪري ٿو، جيڪا شيطانن کي آسمان جي ڳجھين ڳالهين ٻڌڻ کان روڪڻ لاءِ اڇلائي ويندي آهي. مختصر طور، شهابِ ثاقب جو مطلب آهي روشنيءَ سان چمڪندڙ آسماني ٽڪرو، جيڪو فضا ۾ داخل ٿيندي ساڙي ڇڏجي ٿو ۽ شوٽنگ اسٽار وانگر چمڪي ٿو. صدام سولنگي به ردعمل ڏنو، محمد امين محمداڻي لکيو ته مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو مولا خير ڪري هيو ته الائي ڇا، هدايت الله راڄپر لکيو ته اھو شھاب ثاقب سڏيو ويندو آھي اھو آسمان تي ئي سڙي ختم ٿي ويندو آھي زمين تي ناھي ڪرندو پريشان ٿيڻ جي ڳالھه ناھي.