اڄڪلھ ملڪ ۾، گذريل سال جڏھن مٿئين سرڪار جي سھڪار سان آيل، پنھنجي جوھر ۾ فيل مست، سياسي فلسفي کان اڻواقف “پلي بواءِ” ڪرڪيٽر عمران خان جي سرڪار کي 13 جماعتي اتحاد پي ڊي ايم جي بي اعتمادي رٿ ذريعي ھٽايو ويو ته ملڪ ۾ ڄڻ ھڪڙو طوفان بدتميزي پئدا ٿي ويو. اھڙي ڪا گھڙي نه گذري، جنھن ۾ ملڪ اندر ڪا انتشاري ڪيفيت پئدا نہ ٿي ھجي. ھر نئين صبح جو سج ھڪ تعجب ۽ حيرت کڻي اڀري پيو ته ڪا راتِ به اھڙي نہ پئي گذري، جيڪا ڪنھن “ھارر مووي” کان گھٽ ھجي، ايترو ئي نه پر ڏيڍ سال ۾ ملڪ جو اھڙو ڪو ادارو نه بچيو، جيڪو ٻن واضح گروپن ۾ نظر نه اچي. فوج، عدليه، بيوروڪريسي (سول توڻي نان سويلين) پارليامينٽ ۽ صحافت. وي لاگرز ته وري ملڪ جي خلق کي اھڙو بتال ڪري ڇڏيو جو، اھا ڳالھ ڪنھن کي سمجھ ۾ ئي نه پئي اچي ته ھن ملڪ جو قبلو ڪھڙي رُخَ ۾ بيٺو آھي. سون تي سھاڳو ته وري اھو ٿيو جو ھڪ دؤر وري آڊيو ويڊيو ليڪس جو ھليو، جنھن ۾ وري حالت اها ٿي جو:
“ايڪ ئي صف مين کڙي ھوگئي محمود اور اياز.
نا ڪوئي بندا رھا نه بندا نواز”.
ايستائين جو انھن آڊيو ويڊيو چڱن وڏن جي گھرن جا کنيل پڙدا به تار تار ڪري ڇڏيا. ھيڏانھن حڪمرانن به عوام سان گھٽ ڪانه ڪئي. آئي ايم ايف جي نالي کربين رپين جا ٽئڪس عوام تي مڙھي وري الزام عمران خان جي ساڍا ٽي سالا حڪومت تي مڙھيندا رھيا، جڏھن ته ملڪ تي ظاھري سويلين حڪومتون انھن مھا ايماندار سياستدانن جون رھيون آھن. آئي ايم ايف ڏنو ھڪ ارب ڊالر قرض پر عوام کي مھانگائيءَ جو تحفو وري کربن ڊالرن جو ڏنو ويو. ملڪ جي ايليٽ ڪلاس، جيڪو ملڪ جي قيام کان پاڻ ۾ نانيءَ ويڙھو ٺاھي حڪومت پيو ڪري، اھو، انھن جا ڪارندا اڄ بہ ھر پڇاڻي کان آجا ٿيا ٽاڏون ڏيندا پيا وتن. کين ڪوئي اوستائين نہ چوندو، جيستائين ھو ملڪ جي “اصل تي وڊي” جي حڪم عدولي نٿا ڪن. آئي ايم ايف جي ٺاھ جا ۽ پاڪستان جي حاڪمن جي نانيءَ ويڙهو ٺاھيل اسٽيبلشمينٽ جي ڦرلٽ جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آھن. ملڪ ۾ آيل مھانگائيءَ پنھنجا اھڙا اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا آھن، جو ٻہ ھفتا اڳ آيل ماھر ۽ پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ خاص ڊگريون رکندڙن، جنھن کي عرف عام ۾ ٽيڪنو ڪريٽس چيو وڃي ٿو، جا به وائيسر ڍرا پيا نظر اچن. ھي ٽيڪنوڪريٽ ڪي آسمان مان ناھن لٿل پر انھن ئي سياسي پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ جا نامزد ڪيل آھن، سو اھي پنھنجي آقائن کان ڪيئن منھن موڙيندا، اهو سمجھہ کان چڙھيل آھي. جڏھن اليڪشن مامري تي نگران وزيراعظم چوي ٿو ته، ضروري ناھي ته اسان آمريڪا بھادر جي ھر حڪم کي قبول ڪريون، پوءِ ڇا اھو ضروري آھي ته اسان آئي ايم ايف جي ھر عوام دشمن ناجائز ٺاھ تي عمل ڪريون؟ جڏھن پاڙيسري ملڪ چين ۽ ايران سستي گئس، بجلي ۽ پئٽرول ڏيڻ جون آڇون ڪن ٿا ته عوام جي وسيع تر مفادن ۾ قبول نه ڪرڻ، ڪن لاٽار ڪرڻ ۽ اٺ پکيءَ وانگي واريءَ ۾ منھن لڪائي ويھڻ ضروري آھي ڇا؟اسان ڪرپشن گھٽائڻ لاءِ قدم ڇونه ٿا کڻون؟ اسان جي عوام کي ملڪ ڇڏي وڃڻ جون صلاحون ڏيندڙ نگران وزيراعظم کي پاڙيسري ملڪن جي ترقي ڏسي به ريسَ نٿي ٿئي ته ھو به ملڪ جي تباھ ٿيل اھم ادارن کي پاڙيسري ملڪن کان ماھر گھرائي اپگريڊ ڪري ملڪ جي اھل نوجوانن کي ملڪ جي نقصان ۾ ويندڙ ادارن کي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري، ملڪ کي ٻيھر پنھنجن پيرن تي بيھاري سگھجي! ايئن ڪا به حڪومت نه ڪندي، ڇو جو ھو ڪي انقلابي ناھن جو ھو مھانگائيءَ، بيروزگاريءَ جي ستايل عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي عوام دوست قدم کڻي سگھن. سائيڪل تي وزيراعظم آفيس وڃڻ جي دعويدار عمران خان جڏھن اقتداري ڪرسيءَ تي براجمان ٿيو ته کيس کي به اھڙين اقتداري بکين ھٻڇين جو ڪَنُ ٿي عوام جي ٽئڪسن مان ورتل پنجاھ پنجاھ بلٽ پروف، ڊبل ڊور ويگو ۽ فارچونرن جي جلوس ۾ آفيس وڃڻو پيو ۽ صبح شام باجوا، فيض حميد جي پلاننگ ۽ مرشد بيبي بشرا جي ڌاڳن ڦيڻن جي آسري حڪومت ھلائڻ لڳو. سندس نڪ ھيٺان ڇا ٿو وھي واپري، تنھن سان سندس ڪو سروڪار نه رھيو.رياستي اسٽيڪ ھولڊرن جي ھيءَ عوامي مامرن ڏانھن لاپرواهي صرف ۽ صرف عوام کي لپ اٽي لاءِ ڊڪائڻ کان سواءِ ڪا ٻي ايجنڊا ناھي، ڇو جو ان سان عوام جي حاڪمن طرفان ٿيندڙ ڪرپشن خلاف ڪا منظم جدوجھد ڪرڻ کان روڪڻ ۽ ٻي وڏي ڳالھ خطي ۾ ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل توڻي آمريڪي مفادن کي امڪاني نقصانن کان تحفظ فراھم ڪرڻ آھي. اھڙن ڪرتوتن جي ڪري ۽ عوام دشمن فيصلن جي ڪري، جنھن ۾ مھانگائيءَ سوناميءَ جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ سڄو ملڪ بجليءَ جا بل ساڙڻ لڳو ۽ بجلي سپلاءِ ڪندڙ آفيسن تي حملي آور ٿيو. ملڪ جا انڊر ٽيڪر عرف ڪيئر ٽيڪر حاڪم جيڪي پنھنجي فيلڊ ۾ مھارت رکندڙ آھن، مٿي تي ھٿ رکي ويھي رھيا ته ھاڻي ڇا ڪجي؟ ڇو جو ڊگريون حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ ھلائڻ الڳ به آھن. سياست ڪرڻ ۽ ملڪ ھلائڻ لا۽ ايمانداري بنيادي شرط آھي. انھن اڪابرين، بجاءِ ايليٽ ڪلاس (جيڪو اصل ۾ وڏو ٽئڪس چور آھي) جي، ملڪ جي سموري اسٽيبلشمينٽ جي ھڪ پيج تي ھجڻ باوجود ڪو سخت قدم کڻڻ بجاءِ پنھنجين سمورين عياشين، رعايتن، نالائقين جو بار عوام تي وجهندي گئس، بجلي، پاڻي، پئٽرول ۽ کاڌ خوراڪ جي اسمن تي ڳرا ۽ ناجائز ٽئڪس مڙھي غربت جي گھاڻي ۾ گذاريندڙ عوام کي وڌيڪ نٻل ۽ نستو ڪري ڇڏيو آھي ته جيئن ھو پنھنجي ۽ پنھنجن ٻچن جي پيٽ گذر جي ڳڻتين ۾ پنھنجين جسماني ۽ ذھني توانائين جو کاڄ ٿي وڃن. وري پنھنجي مٿان ميار لاھيندي عوام کان وڌيڪ قربانين جي گهر پيا ڪن. ھاڻي تہ آئي ايم ايف به دنيا کي کولي ٻڌايو آھي ته، اسان چئون ٿا ته اميرن کان ٽئڪس وٺو ۽ غريبن کي رعايت ڏيو پر پاڪستان جا حڪمران، اٽي جو گھوٻاٽو جيان پنھنجين عياشين کي گھٽائڻ بجاءِ غريبن کي ئي ڦاسائي رھيا آھن. تازو بجلي چوريءَ خلاف ھلندڙ مھم ۾ به پنج يا ڏھہ، پندرنھن ھزار بقايا وارن خلاف وٺ پڪڙ ۽ ايف آءِ آرز ڪٽيون پيون وڃن، جيڪي سپريم ڪورٽ جي 2006 واري فيصلي جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آھي. پر ھن ملڪ ۾ آئين قانون جي اھميت ڪيتري آھي؟ ان لا۽ ايئن چئجي ته، “اکئين اُڀُ پيو ڏسجي”.