ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار چيو آهي ته اشتهاري ۽ مفرور ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو وڃي، سندن گرفتارين لاءِ هوٽل آئي اي جو استعمال ڪيو وڃي.  ڪالهه سي پي او ۾ امن امان بابت  ٿيل اجلاس ۾ اشتهاري ۽ مفرور جوابدارن خلاف پوليس ڪاررواين جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته غيرقانوني هٿيار رکندڙن ۽ منظم ڏوهه ڪندڙ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي، منظم ڏوهن ۾ ملوث گروهن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروايون ڪيون وڃن.