اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پينشن اسڪيم ۾ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي تبديليون ڪيون ويون، جنهن سبب سرڪاري ناڻي تي بار وڌيو، پينشن اسڪيم کي درست ڪرڻ ۽ سرڪاري ناڻي تي بار گهٽائڻ لاءِ حڪومت پينشن اسڪيم ۾ سڌارا ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته پينشن اسڪيم ۾ جيڪي سڌارا ڪيا ويا آهن، انهن ۾ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي حوصلا شڪني ۽ پينشن ۾ واڌ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس سان جوڙي وئي. سندس چوڻ هو ته شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سالن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ پينشنز جو خاتمو ڪيو ويو آهي، رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت جي صورت ۾ پينشن يا پگهار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي