ھن سال اسان جي فلاحي تعليمي اداري سنت ھيرا لال ڪميونٽي اسڪول قمبر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نئين داخلا زبردست ٿي آھي.

تقريبن ھڪ سئو کان وڌيڪ نون ٻارڙن کي داخلا ڏني آهي. فرنيچر جي کوٽ سبب نون شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مجبورن ھيٺ ويھاري تعليم ڏيڻ شروع ڪئي آھي.

اسان کي پنجويھه عدد بينچن جي فوري ضرورت آھي ته جيئن ٻارڙن کي عزت سان مٿي ويھاري تعليم ڏئي سگهون. ان لاءِ سڀني سرندي وارن تعليم دوست ۽ انسان دوست سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ۽ قمبر جي اعليٰ اختيارين ڊپٽي ڪمشنر قمبر، ايم پي اي قمبر ۽ ايم اين اي قمبر کي مدد جي اپيل ڪجي ٿي. ھڪ بينچ اندازن 3 ھزار رپين ۾ ٺھي ملي ٿي. جنھن کان جيتري مدد ٿي سگهي، ڪئي وڃي ته شڪر گذار رهنديس…(فيس بوڪ تان ورتل)