اسڪول صرف عمارتون نه پر اميد به ھجڻ گھرجن

0
46
اسڪول صرف عمارتون نه پر اميد به ھجڻ گھرجن

 ڪنھن ڪيڏي نه خوبصورت ڳالھ ڪئي آھي ته: اسڪول صرف گاري يا سيمنٽ جي مدد سان تيار ٿيل اڏاوتن جو نالو ناھن ھوندا. اھي ھڪ پوري ماحول جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ ھوندا آھن. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان جي ملڪ ۾، يا صوبي سنڌ ۾ اھڙا اسڪول ۽ اھڙيون اڏاوتون موجود آھن، جيڪي ھڪ اھڙي ماحول جي باري ۾ ٻڌائيندڙ ھجن، جن جو نالو کڻڻ سان والدين پنھنجي ٻارن کي پڙھائڻ جي لاءِ اوڏانھن ئي ڊوڙون ڀرين. جواب ‘ھا’ ۾ به آھي ۽ ‘نه’ ۾ به آھي. ‘ھا’ ۾ انھيءَ ڪري آھي ته اھڙا اسڪول عام والدين جي پھچ کان تمام گھڻو پري آھن. جھڙوڪ: ڪيڊٽ اسڪولَ، ڪيمبريج سسٽمز ۽ گرامر سسٽمز اسڪولَ. ‘نه’ ۾ انھيءَ ڪري آھي ته پوري ملڪ ۾ اھڙا اسڪول ھن وقت ھزارن جي تعداد ۾ آھن، جيڪي ضروري بنيادي سھولتن کي فراھم ڪرڻ جي به سگھ نٿا ساري سگھن پر توھان کي ھنڌين ماڳين موجود ضرور نظر ايندا. مثال طور، اسڪولن کي فراھم ٿيندڙ پيئڻ واري پاڻي جو معيار ئي چيڪ ڪيو وڃي ته توھان کي معلوم ٿي ويندو ته شاگردن ۽ استادن سان ڪيڏو ناحق ٿي رھيو آھي. بجلي جي فراھمي ۾ رڪاوٽون آھن، راند جي ميدانن جي اڻھوند عالمِ آشڪار آھي ۽ صحتمند تفريحون نه ھجڻ جي برابر آھن. اسان بطور جڏھن اسڪول مالڪ يا مينيجمنٽ جيَ، ھي ڪروڌ ڪريون ٿا ته اسان جي وات مان نڪتل ھر ڳالھ ۽ ھر گفتي کي اھميت ملڻ گھرجي ته ان ڳالھ ۽ ان گفتي کي پنھنجي عملي ۽ شاگردن تائين پھچائڻ کان اڳ ۾ اسان کي ھي خيال ڇونه ٿو تنگ ڪري ته اسان تدريسي عملي جي بنيادي ضرورتن ۽ شاگردن جي پڙھائي لاءِ گھربل شين جي ذميواري به نڀائي رھيا آھيون يا نه! اسان بطور مالڪ ۽ مينيجمنٽ جي، ھي ڇونه ٿا سوچيون ته اسڪول صرف استادن ۽ شاگردن کي گڏي ۽ ويھاري ۽، ھنن کان ڪم وٺڻ واري دنيا جو نالو ناھن ھوندا پر اصل ۾ اسڪول خوبصورت اڏاوتون ھجڻ سان گڏ ھڪ اھڙي ماحول کي به فراھم ڪندڙ ھوندا آھن، جيڪي تدريسي عملي سان گڏ شاگردن جي لاءِ به پرڪشش ھجڻ سان گڏ سڪون پھچائڻ واري جاءِ به ھجن. ھڪ اھڙو ماحول، جنھن ۾ تدريسي عملي کي ھي خوف لاحق نه ھجي ته ھڪ ڏينھن ھن جي معمولي غلطي جي سبب ھن کي گھٽ وڌ ڳالھائي، استادن ۽ ٻارن جي سامھون اسڪول مان جانورن وانگي ھڪليو ۽ تڙيو ويندو. پڙھندڙ شاگرد وري ھن احساس جي ڪري پريشان نه ھجن ته اھي جنھن اسڪول ۾ تعليم پرائي رھيا آھن، اتي اھي ھر لحاظ کان غير محفوظ آھن. ڇا اسان سڀ ھن ڳالھ کان اڻڄاڻ آھيون ته اسان جي ھر ڳالھ جتي اسان جي لاءِ وڏي معنا رکي ٿي، ساڳي ڳالھ ٻين جي لاءِ اھميت ئي ڪانه ٿي رکي!

ڇا اسان ھن رمز کي سمجھڻ کان به بي نياز آھيون ته اسان جيڪو حڪم احڪام پاڻ کي عقلِ ڪل سمجھي ٻين کي ڏيون ٿا ته ان حڪم احڪام کي ڪابه اھميت انھيءَ ڪري ناھي ڏني ويندي، ڇاڪاڻ جو ان حڪم احڪام جي ٻولي تمام گھڻي غير مناسب ھوندي آھي. جڏھن اسان ھي چئون ٿا ته اسان جي ھر گفتي ۽ ھر حڪم جي اھميت آھي ته ان اھميت کي مڃتا ڏيارڻ جي لاءِ اسان کي پنھنجي زبان کي به حد ۾ رکڻ واري ھنر جو استعمال ضرور ڪرڻ گھرجي. ساڳي طرح سان اسان جي ھر قول و فعل ۾ به تڪرار به، نه ھجڻ گھرجي ۽، تضاد به، نظر نه اچڻ گھرجي. ھي ھڪ عالمي حقيقت آھي ته ھن دنيا ۾ انساني حيات ھجي يا حيوانات يا نباتات پنھنجي لاءِ گھٽ پر، ٻئي جي لاءِ ئي جفاڪشي ۽ محنت ڪري ٿي ۽ سردي گرمي کي سھي ٿي. اھوئي ته ڪارڻ آھي ته لکين ڪروڙين انسان ٻين جي لاءِ محنتون ڪندا رھن ٿا پر انھن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن جيڪي ٻين جي لاءِ مثال بڻجي وڃن ٿا. سوال ھي آھي ته ائين ڇو آھي جو لکين انسانن ۾ تمام قليل تعداد ئي مثال ۽ ڪردار جو بھترين نمونو بڻجي وڃن ٿا؟ جواب آھي ته لکين انسان پنھنجي محدود سوچ جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪن ٿا. يعني ھو پنھنجي اولاد لاءِ ئي جيئن مرن ٿا پر، تمام ٿورڙا آھن اھڙا جيڪي ٻين جي غرض خاطر جيئن ٿا ۽ مرن ٿا. ٻين لاءِ محنتون ڪن ٿا ۽ ادارا جوڙين ٿا. ۽ ادارو جڏھن تعليمي اداري جي شڪل ۾ ھجي ته چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ جو جنھن معاشري ۾ جيل ۽ اسپتالون گھٽ ۽ تعليمي ادارا وڌيڪ ھوندا آھن ته اھو معاشرو ئي ھڪ مثالي معاشرو بڻجي سگھي ٿو. مثالي معاشرو ئي جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري ڏاھپ کي سمجھي اڳتي وڌي ٿو. نه ٻين لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو، نه وري ٻيا ھن جي لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا. انھيءَ ڪري اسڪول اھڙا ھجڻ گھرجن جن کي ڏسڻ سان اسان کي پنھنجو مستقبل بھترين کان بھترين جڙندي نظر به اچي ۽ ٺھندي به. سو جڏھن اسان ڪنھن سٺي اسڪول جي تعريف جي باري ۾ سوچ ويچار ڪريون ٿا ته ھي معلوم ھجڻ گھرجي ته ان اسڪول ۾ اسان کي علمي ۽ تعليمي ماحول ته ميسر ھوندو ئي ھوندو پر، ھڪ مڪمل ھمٿائيندڙ ۽ اڳتي وٺي ويندڙ ماحول به ھوندو. سڀ کان اول اسڪولن جي لاءِ شاندار اڏاوتن جو ھجڻ لازمي امر آھي. اسڪولن جون اڏاوتون نوي سيڪڙو به جيڪڏھن اسڪولز بلڊنگز ڪوڊز جي مطابق تيار ٿيل ھونديون ته اھي ٻارن جي لاءِ پڙھائي واري ماحول ۾ مددگار ھجڻ سان گڏ ھنن جي صحت کي بھتر حالت ۾ رکڻ جي لاءِ به سھڪاري رھنديون. اسان وٽ اڪثر اسڪولن جون اڏاوتون گھربل ڪوڊز جي معيار تي پورو نٿيون لھن. ٻيو ته ڇڏيو جو مناسب وينٽيليشن جو به خيال نٿو رکيو وڃي.

ڪو وقت ھو جڏھن سرڪاري اسڪول ڪشادا ۽ تمام گھڻي ايريا رکندڙ ھئا پر، ٻارن جي تعداد ۾ اضافي جي سبب جڏھن نون اسڪول اڏاوتن جي ضرورت پيش آئي ته بجاءِ ھن جي ته ڪنھن ٻئي ھنڌ زمين جو ٽڪرو وٺي اسڪولن کي تيار ڪيو وڃي، پراڻن اسڪولن جي ميدانن تي تيار ڪري انھن کي وڌيڪ سوڙھو ڪيو ويو آھي. اڳ ۾ جن ميدانن تي ٻار راند روند ڪندا ھئا، اھي ميدان نون اسڪول اڏاوتن جي ڪري لڳ ڀڳ ختم ئي ٿي ويا آھن. حالت ھي آھي ته اھي ميدان ھاڻي بس ايترا بچيا آھن، جو انھن تي اسيمبلي به مشڪل سان ڪرائي وڃي ٿي. سٺن اسڪولن جي لاءِ اھل مينيجمنٽ ۽ قابل تدريسي عملي جي ضرورت به ھوندي آھي. اھل مينيجمنٽ مان مراد، اھڙن فردن جو ھجڻ جيڪي اسڪول مينيجمنٽ جي حوالي سان نه صرف ڊگري يافتا ھجن پر ھنن وٽ اسڪولن کي ھلائڻ جو تجربو به ھجي، صرف مالڪ ھجڻ ئي ڪافي ناھي. جديد تعليمي لاڙن کان باخبر ھجڻ سان گڏ جدت پسند به ھجي. رويا مناسب زبان حد ۾ رھڻ واري ۽ تدريسي عملي کان سھڻي نموني يعني عزت سان ڪم وٺڻ واري ڇھين حس جي مالڪ به ھجي. باقي ڪروڌ ڪرڻ، گڏجاڻي ڪوٺائي عملي کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ ۽ ڪاميابيون پنھنجي کاتي ۾، ۽ ناڪاميون ٻين خاص طور تي تدريسي عملي جي کاتي ۾ ڳڻائي پاڻ کي مٿانھون ته سمجھي سگھجي ٿو پر اھا مٿانھين خوشفهمي کانسواءِ ٻيو ڪجھ ناھي ھوندي. پنھنجي عملي کي پنھنجو ڪري ئي ڪم وٺي سگھجي ٿو. شڪ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي ھر ان رڪن تي اعتبار ڪرڻ گھرجي، جيڪو توھان جي اداري ۾ ڪم ڪري رھيو آھي، بغير ھن ڳالھ جي ته ھن جو عھدو يا ذميواري ڪھڙي آھي. ادارن اندر ڪم ڪندڙ فرد ادارن جي سگھ ھوندا آھن. اھا سگھ ئي ادارن کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مددگار بڻجي ٿي. حاصل مطلب اهو ته، اسڪولي ماحول مان مراد ھڪ اھڙو ماحول جيڪو ھڪ شاگرد کي ھي محسوس نه ڪرائي ته ھو ھتي غير محفوظ آھي ۽، او سمجهي ته ھن جي پڙھائي واري ھر ضرورت جو ھتي خيال رکيو وڃي ٿو. ھڪ اھڙو ماحول جيڪو تدريسي عملي کي ڪڏھن به ھن ويچار جو شڪار نه ڪري ته ھن کي ھتي طرح طرح سان يا مختلف بھانن ھيٺ اسڪول مينيجمنٽ پاران پريشان ڪيو وڃي ٿو ۽، يا بغير ڪنھن سبب جي ھن کي اسڪول مان خارج به ڪيو ويندو. ھڪ اھڙو ماحول جيڪو ھر بنيادي سھولت کي فراھم ڪرڻ جي لاءِ اڳيان اڳيان نظر ايندو ۽ ٻارن ۽ عملي جي ھنن جي گھرجن جي مطابق خيال رکندڙ به آھي. اچو ته پنھنجن اسڪولن کي اھڙو بڻايون جو اھي اسان کي عمارتن سان گڏ اسان جي اميد به نظر اچن.