اسڪول زبون، درسي ڪتاب اڻلڀ، ٻار ڪيئن پڙهندا؟

0
200
اسڪول زبون، درسي ڪتاب اڻلڀ، ٻار ڪيئن پڙهندا؟
اسڪول زبون، درسي ڪتاب اڻلڀ، ٻار ڪيئن پڙهندا؟

سنڌ جا ڪيترائي اسڪول زبون حالي سبب شاگردن ۽ استادن لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهن، شاگردن جون حياتيون داءَ تي لڳل هئڻ باوجود تعليم کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه چُري

 ڍورو نارو ويجهو وسڪارن دوران مڊل اسڪول ابراهيم آريسر  جي ڪري پيل ڇت تعمير نه ڪئي وئي، استاد ۽ شاگرد پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول جي ڇت ٺاهڻ ۾ رڌل آهن

مانجهند ۾ گرلز پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، اسيبملي دوران اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

ليڊي ٽيچرز جو چوڻ آهي ته عمارت زبون هئڻ سبب والدين ٻارن کي اسڪول نه پيا موڪلين

جروار جي هاءِ اسڪول جي عمارت جي ڇت به ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊٿل، انتظاميا ۽ تعليم کاتي مرمت لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، شاگردن سخت احتجاج ڪيو

نئون آباد ويجهو به پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار، ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ لاءِ مجبور آهن، اسڪولي عمارت جي فوري طور مرمت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

سرهاڙي ريل سانحي جي جاچ شروع، لائين ۾ ڪاٺ جي استعمال جو انڪشاف