عام طور والدين جي ڪوشش هوندي آهي ته ٻارن کي هر شي ڀڀڪيدار ۽ لگزريس وٺي ڏجي پر تعليمي ماهرن جو رايو آهي ته ٻارن جو اسڪول وارو ٿيلھو سهڻو توڙي سادو ۽ پروقار هئڻ گھرجي. جڏهن ته اهو اجايو وزني ۽ ٺاھه ٺوھه وارو به نه هجي. ٻار جي اسڪول بيگ کي پنهنجو سفري ٿيلھو نه سمجھڻ گھرجي. پر ان ۾ اهي ئي شيون وجھڻ گھرجن جيڪن ان کي اسڪول  ڪم اچڻ وريون آهن. نڪوئي اهو سوچي ته ٻار کي هن يا هن شي جي به ضرورت پئي سگھي ٿي ۽ ان جي ٿيلھي کي ايترو ته وزني بنائي ڇڏيو جو توهان جو ٻار شاگرد بدران ڪولهي لڳي.

هڪ نيوز ويبسائٽ تي پبلش ٿيل رپورٽ مطابق توهان پنهنجن ٻارن کي جيڪو ٿيلھو کڻايو ٿا اهو گھڻي دير تائين سندس پٺن تي هوندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان ان ۾ گھرج کان وڌيڪ شيون وجھندا ته توهان جي غلطين جو بار توهان جي ٻار کي کڻڻو پوندو. انهيءَ رپورٽ موجب ٻارن جي ٿيلھي جو وزن سامان سميت سندس وزن جي ٽئين يا چوٿين حصي جيترو هئڻ گھرجي ان کان وڌيڪ نه.

اهم ڳالهه اها به آهي ته ان سان نه صرف توهان جي ٻارکي اجايو بار کڻڻو پوندو پر ان سان ان جي سکڻ واري صلاحيت تي به اثر پوندو. رپورٽ ۾ تعليمي ماهرن طرفان چيو ويو  آهي ته توهان کي ان سلسلي ۾ تمام گھڻو احتياط ڪرڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ پهرين اهم ڳالهه اها آهي ته هر ممڪن ڪوشش ڪري اسڪيل يا ٻيون اهڙيون شيون جيڪي ڪاٺ يا پلاسٽڪ جون ٺهيل ملن ٿيون اهي لوهه يا اسٽيل جون نه خريد ڪريو. اهڙين ڌاتن وارين شين سان ٻار پاڻ کي توڙي ٻين ٻارن کي نقصان رسائي سگھن ٿا.

ڪوشش ڪريو ته ٻارن کي ساديون شيون وٺي ڏيو،  ته جيئن اهو صرف ان شي کي ڪم لاءِ استعمال ڪري نه ڪو ان شي جي سونهن ۽ شوبازي ۾ وقت وڃائي. ان سان ٻين شاگرن جو ڌيان به ونڊجي سگھي ٿو ۽ اهي تعليم بدران ٻين ڳالھين ۾ پنهنجو وقت وڃائيندا.

ٻارن جون ضرورت جون سموريون شيون هلڪيون هئڻ گھرجن نه ته سندن ٿيلھو اجايو وزني هجي ۽ نه ئي وري ان ۾ رکجندڙ سامان ضرورت کان وڌيڪ وڏو ۽ وزني هجي.

سڀ کان اهم ڳالهه ته ٻارن کي ڪلاس لاءِ ڪارٽون وارن ڪردارن جي تصويرن يا نشانن واريون شيون ۽ اسٽيشنري وغيره نه خريد ڪري ڏياريو. ڇاڪاڻ ته ان ريت ٻارڙا ڪلاس کي پلي روم ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. ۽ سندس توڙي ٻين ٻارن جو ڌيان تعليم بدرن راند روند ۽ وندرو ورونهن ڏانهن ئي رهندو، ان صورت ۾ استاد طرفان کين سزا به ملي سگھي ٿي. ٻارن کي سيکارڻ گھرجي ته گھر ۾ بزرگن سان کيڏڻ ۽ اسڪول ۾ استاد وٽ پڙھڻ ٻه الڳ شيون آهن.