اسڪول بند پگهار چالو

0
120
قائدِاعظم جيَ روح سان ملاقات: ملڪي حالتن جو چٽو پٽو عڪس

هي 2013ع جي ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن ريفارم سپورٽ يونٽ عرفِ عام “آر ايس يو” جي هڪ ٽيم کي سنڌ ۾ “اسٽوڊنٽ انرولمينٽ ڊرائيو” (شاگرد داخلا مهم) تي بغرضِ خاص ضلعي شهيد بينظيرآباد (اڳوڻو نوابشاهه ضلعو) ۾ انهيءَ ڪري موڪليو ويو ڇاڪاڻ جو سيڪريٽري ايجوڪشن جو تعلق ان ضلعي سان هو. اتفاق سان مان به ان ٽيم جو حصو هئس. مونکي هي اعزاز به حاصل آهي ته شاگرد داخلا مهم واري ڪارڊ کي تيار ڪرڻ، ان ۾ ڪهڙي قسم جي ڊيٽا کي داخل ڪجي جي ذميداري به منهنجي حوالي هئي. جيتوڻيڪ منهنجو آر ايس يو ۾ ان پورٽ فوليي سان ذري جو به واسطو ڪونه هو جنهن کي سيڪريٽري پاران اسٽوڊنٽ انرولمينٽ ڊرائيو جو ڪم سونپيو ويو هو پر جيئن ته هڪ اداري ۾ ڪم ڪندي اسان کي ٻين پورٽفوليوز جا به ڪم ڪرڻا پون ٿا سو پاڻ به انهيءَ ڪم ۾ جنبي وياسين.

 تيار ڪيل ڪارڊ جي پهرين مسودي (ڊرافٽ) کي مون جڏهن ڏٺو ته مونکي ان ۾ کوٽ محسوس ٿي يعني گهربل شيون جيڪي ان لاءِ درڪار آهن اهو انهن کان خالي هو. سڀ کان اول ڪارڊ پنهنجي هيڊنگ کان خالي هو. ٻيو ان جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي ته هي انرولمينٽ ڪارڊ آهي، ٽيون وري ان جي مالڪي (اونرشپ) ڪنهن وٽ آهي ڪا خبر ڪانه پئيِ پئيَ. اهڙي طرح ان ۾ سنڌ حڪومت جي سرڪاري لوگو کي شامل ڪرڻ، تعليمي ريجن وار سڃاڻپ تيار ڪرڻ، سيريئل نمبر لکڻ،  ڊيٽا فيلڊز کي داخل ڪرڻ ۽ ڪارڊ کي نالو ڏيڻ سان گڏ وڏي ۾ وڏي ڳالهه ته ان ڪارڊ ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي لکائي کي شامل ڪرڻو هو. ڪارڊ کي حسبِ منشا مطابق تيار ڪري جڏهن مون پروگرام مئنيجر کي اي ميل ڪيو ۽ ان جي باري ۾ بريف ڪيو ته هن فورن چئي ڏنو ته هن اسٽوڊنٽ انرولمينٽ ڊرائيو جي پاليسي کي تيار ڪرڻ سان گڏ سرگرمين کي منعقد ڪرڻ به توهان جي ذميداري آهي. بعد ۾ اسان جون ٽيمون پنهنجي پنهنجي مقرر تاريخ ۽ ماڳن تي پهچي پنهنجين سرگرمين کي شروع ڪري ڇڏيو. انرولمينٽ ڊرائيو وارين سرگرمين دوران اسان ڇا ڇا ڏٺو، پرکيو ۽ ان جو تجربو ڪيو ٻين جي ڀيٽ ۾ منهنجو تجربو ٿورو منفرد رهيو.

مان هن سرگرمي دوران جنهن به اسڪول ۾ ويس، جنهن به لاڳاپيل ماڻهو يا آفيسر سان مليس ۽ هنن جا جڏهن مها کِڙا (انٽرويوز) ڪيا ته انهن سڀني هي پئي چيو ته، “هن سرگرمي جي ڪهڙي ضرورت هئي اسان ته اڳ ۾ ئي هن قسم جون سرگرميون سالن کان هلائيندا پيا اچون. اسان جي اعلى اختيارين ۽ سياسي ماڻهن پاران عالمي مالياتي ادارن کان فنڊز وٺڻ جي لاءِ هن قسم جا ڊراما رچايا ويندا آهن ۽ اسان جي مٿي ۾ لڳنديون آهن هن قسم جون سرگرميون.” مون جڏهن هنن کان پڇا ڪئي ته ڇا اسان جي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا، داخلا فارم تي ناهي ٿيندي ته هنن چيو ته صرف برٿ سرٽيفيڪيٽ جي بنياد تي داخلا ڪئي ويندي آهي پر داخلا فارم ڪونهي ڪو. هن سان گڏ اسان جنرل رجسٽر (جي آر) ۾ هر ٻار جي داخلا رکندا آهيون. ٻار جي داخلا سان لاڳاپيل ٻيا به کوڙ سارا سوال ڪيا ويا جهڙوڪ داخلا ٽيسٽ، پيرنٽس جا انٽريوز ڪرڻ، انڊرٽيڪنگ وٺڻ، ٻار۽ پيرنٽس جي ميڊيڪل هسٽري پر مونکي هڪ ئي جواب ملندو رهيو ۽ اهو هو سندن معنى خيز کلڻ ۽ هي چوڻ ته سائين هي سرڪاري اسڪول آهن ڪو فوجي يا پرائيويٽ اسڪول ٿورئي آهن. بعد ۾ لڳاتار ٻه سال ٻين مختلف ضلعن ۾ ساڳي سرگرمي کي جاري رکيو ويو پر انهن سرگرمين جو مان حصو نه هئس ان جو سبب پيشيوارڻي رقابت چئي سگهو ٿا. هن وقت هي سرگرمي ٿئي ٿي يا نه ڪا خبر ڪانهي.

اهڙي طرح اسان 2012ع ۾ اسڪول تعليم کاتي جي آفيسرن کي پرووينشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن (پائيٽ)، سنڌ، نوابشاهه ۾ “سنڌ ايجوڪيشنل سيڪٽر مينجرز (ساسم) ڪورس جي سري هيٺ ٽريننگ ڪرائي هئي ۽ ان ٽريننگ کي ڪرائڻ جو  مقصد هي هو ته سنڌ جي تعليمي آفيسرن کي وقت آهر جديد علمن سان متعارف ڪرائجي ته جيئن اهي پنهنجي ذميدارين کي بهتر نموني سان نڀائي سگهن ٻيو هي ته جنهن به آفيسر جي هي ٽريننگ مڪمل ٿيل هوندي پيشيوارڻي ترقي ۾ ان کي ترجيح ڏني ويندي. ان ٽريننگ دوران، سرڪاري لک پڙهه ڪيئن ڪبي آهي؟ اسڪول بجيٽ ڪيئن تيار ڪبي آهي؟ اسڪول امپرومينٽ پلان ڇا ٿيندا آهن سان گڏ و گڏ ڪمپيوٽر جي سکيا به ڪرائيسين. حيراني ٿيندي هئي ته ٽريننگ ۾ شرڪت ڪندڙ ڪمپيوٽر کي پهريون ڀيرو هٿ لڳائي رهيا هئا ۽ هن ڳالهه تي خوش ٿيندا هئا ته صرف ڪمپيوٽر واري سکيا ۽ فنانشل ميٽرز وارن سبجيڪٽس جو فرق آهي باقي ته تقريبن سڀ ساڳيا آهن.

ٻيو مقصد هي هو ته هن ٽريننگ کي اسڪولي آفيسرن جي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائڻ جي ذريعي بحيثيت هڪ مينيجريل ڪورس جي متعارف ڪرائجي۽ اهڙي طرح هن کي هڪ مستقل ڪورس بڻائجي پر ايئن ٿي نه سگهيو. هي ٽريننگ هڪ سال هلي بعد ۾ هن کي به فنڊز نه هجڻ جو بهانو ڄاڻائي بند ڪيو ويو. هن ٽريننگ کي ڪرائڻ جي ذميداري سکر آئي بي اي جي حوالي هئي جيڪا ان خوب نڀائي ۽ سکر واري ڪيمپس ۾ هڪ بهترين تقريب ڪرائي سڀني سکياوتين (ٽرينيز)کي سرٽيفيڪيٽ ڏنا ويا. هنن ٻنهي سرگرمين کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون اهڙيون سرگرميون هيون ۽ پروگرام هئا جن جي بهاني اسان کي اسڪولن کي ڏسڻ جو موقعو پيو ملندو رهندو هو جهڙوڪ اين ٽي ايس پاس پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز (هاڻي جي اي ايس ٽيز) کي آفر ليٽرز ۽ اپائنمنٽ آرڊرز ڏيڻ، سکر آئي بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيندڙ هيڊماسٽرز کي ٽريننگ ڪرائڻ يا اسڪولن مان نين ڀرتين جي لاءِ خالي آسامين جي ڊيٽا کي گڏ ڪرڻ وغيره.

هاڻي اچئون ٿا پنهنجي عنوان ڏانهن يعني “اسڪول بند پگهار چالو”. هنن هڙني سرگرمين دوران جڏهن اسان فيلڊ ۾ اسڪولن جا دورا ڪرڻ ويندا هئاسين ته جتي اسان کي بهترين سرڪاري اسڪول نظر ايندا هئا؛ انهن ۾ ڪم ڪندڙ بهترين استاد ۽ انتظاميا سان ملاقات ٿيندي هئي ته دل خوش ٿي ويندي هئي سڀ هن ڳالهه جو اقرار ڪندا هئا ته اين ٽي ايس جي ٽيسٽ ۾ جتي اسان کي ڪجهه جڳاڙي (ڪوڙن ڪاغذن وارا) استاد مليا آهن اتي اسان کي بهترين استاد به مليا آهن جن اسڪولن جي پڙهائي واري معيار ۾ بهتري به آندي آهي اتي اسان کي ڪافي اهڙا اسڪول به مليا جن ۾ کي يا ته تالا لڳل هئا يا انهن کي اوطاقن جي شڪل ڏني وئي هئي يا وري انهن ۾ جانور ٻڌل نظر آيا يعني اهي اسان کي اسڪول نه پر مال جا واڙا لڳا. هن سان گڏ اسان ڪجهه اهڙا اسڪول به ڏٺا جن ۾ ٻار به موجود هئا ته هڪ ٻه استاد به پڙهائي رهيا هئا پر اهي اسڪول ڪنهن به مناسب اسڪولي اڏاوت کان پري هئا يعني يا ته ڇنا هئا، منهه هئا يا وري ٻار وڻن جي هيٺان پڙهي رهيا هئا. اسان جڏهن استادن کان پڇا ڪئي ته ڇا هنن اسڪول کي سيمز (سنڌ ايجوڪيشن مينجمنٽ انفارميشن سسٽم- SEMIS) ڪوڊ ڏنو ويو آهي ته جوابن استادن فرمايو ته سائين ڪيترائي ڀيرا لکي چڪا آهيون پر اسان جي دانهن تي ڪو داد فرياد نٿو ٿئي. پڇا ڪئسين ڇا پگهار ملي ٿي؟ ته هنن چيو ها بس مڙيئه ڪم هلي پيو پر اسان وٽ نه صحيح اسڪولي اڏاوت آهي، نه مناسب فرنيچر ۽ نه ٻارن جي لاءِ عام سهولتون جهڙوڪ پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ نيڪال خانا وغيره.

گذريل سال (2021) تعليم جي وزير سيد سردار علي شاهه جي حوالي سان هي خبر به آئي ته ڇهن هزارن کان مٿي اسڪولن کي انهيءَ ڪري بند ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ جو اهي هاڻي قابلِ استعمال ناهن رهيا. وري جڏهن معاملا ڪورٽ ۾ آيا ته رپورٽ جمع ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ چٽي نموني سان لکيو ويو ته 6866 اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته 7974 اهڙا اسڪول آهن جيڪي هاڻ استعمال جي قابل ناهن رهيا. اهڙي طرح اخبارن جي زينت ته هن قسم جون خبرون به بڻيون ته صوبي  جا 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ صوبي ۾ اهڙا اسڪول به آهن جيڪي پنجاهه پنجاهه سال پراڻا آهن. انهن کي بااثرن پاران شادي جي تقريبن ۽ ٻين سماجي، سياسي پروگرامن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. اسڪول جن کي بند ڪيو ويو يا اهڙا اسڪول جن کي ٻين سماجي سرگرمين يا واڙن جي طور تي استعمال ڪيو ٿو وڃي ۽ جن کي اسان به پنهنجين سرگرمين دوران ڏٺو ۽ مشاهدو ڪيو.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهڙن بند، ناقابلِ استعمال اسڪولن ۾ مقرر عملي کي پگهارون به ملي رهيون آهن، ٽائيم اسڪيل ۽ ٻيا پيشواراڻي فائدا به ملي رهيا آهن ته پوءِ اسڪولن کي تعليم جي سرگرمي کان پري ڇو رکيو ويو آهي؟ جواب طور تعليم جي اڳوڻي وزير نثار کهڙي جو بيان سامهون رکون ٿا. کهڙي صاحب ڪيترائي ڀيرا اسان جي سامهون پنهنجين تقريرن ۾ هن ڳالهه جو اقرار ڪيو ته، “اسان جا هزارين استاد ۽ استادياڻيون ويزا تي آهن ۽ انهن کي اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون ڇاڪاڻ جو انهن جا هٿ ڊگها آهن! پر هاڻي اين ٽي ايس جي ذريعي ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ استاد ايئن ڪونه ڪندا.” ڀلي سنڌ حڪومت هرسال پنهنجي تعليمي بجيٽ ۾واڌارو ڪري جهڙي طرح ترتيبوار 2020ع ۾، 212 ارب ، 2021ع ۾، 244.5 ارب ۽ هاڻي 2022ع ۾،327 ارب رکيا آهن پر جيستائين تعليم جي بنيادي مسئلن خاص طور تي غير حاضر استادن، بنيادي سهولتن تي ڪم نٿو ڪيو وڃي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ شروع ٿيندڙ اسڪيمن جي تسلسل کي برقرار نٿو رکيو وڃي تيسيتائين بهتري جي اميد رکڻ بي سوادي ۽ بيڪار آهي.