سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊن طرفان شاگردن کان امتحاني فيس وٺڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، هاءِ ڪورٽ ڊويزن بينچ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو جي عدالت ۾ صوبائي سيڪريٽري تعليم ۽ سيڪريٽري بورڊ طرفان رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 26 اپريل 2017ع جي نوٽيفيڪيشن موجب سنڌ سرڪار تمام سرڪاري اسڪولن ۾ 9 ڪلاس کان 12 ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کي مفت تعليم مهيا ڪري رهي آهي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کان امتحاني فيس وٺڻ جو عمل 9 فيبروري 2022ع کان روڪي ڇڏيو آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن تعليم کاتي پاران صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن کي پڻ اماڻيو ويو آهي، ان دوران عدالت کي گذارن جي وڪيل ٻڌايو ته عدالت جي منع نامي باوجود تعليمي بورڊن جي انتظاميا طرفان شاگردن کان امتحاني فيس وصول ڪئي وئي هئي، جيڪو غيرقانوني عمل آهي، دليل ٻڌڻ کانپوءِ حيدرآباد ۽ سکر تعليمي بورڊ جي انتظاميا کي حڪومت طرفان ملندڙ فنڊن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.