ڪراچي: سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سيشن ججز جي رپورٽ موجب 80 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب موجود آهن، جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ڏنا ته سيشن ججز تي هاڻي اسان اعتبار نه ڪنداسين، ٻيلن جي معاملي تي سيشن ججز ”سڀ ٺيڪ آهي“ جي رپورٽ ڏني، حقيقت ۾ صورتحال انهي جي مختلف هئي، جيڪڏهن اسڪولن ۾ مفت ڪتاب موجود آهن ته پوءِ  ڪتاب گهر تي ايتري رش ڇو آهي؟

هڪ ڪاموري کي بچائڻ لاءِ سمورو سسٽم هڪ ٿي ويو : عدالت

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا تعليم کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر 4 آفيسرن کي واپس موڪليو ويو آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر چيو ته ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسر جي مامري تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو اٿئون، جنهن تي عدالت چيو ته اسان صرف نشاندهي ڪندا آهيون، جيڪڏهن توهان کي تعليم کاتو ايئن ئي هلائڻو آهي ته ڀلي هلايو،  ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڊيپوٽيشن تي مقرر 4 مان هڪ آفيسر گلزار ابڙو واپس ٿي ويو آهي، ٻڌڻي  دوران آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس جو آفيسر گلزار انڙو عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي عدالت گلزار ابڙي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا توهان وفاقي حڪومت ۾ واپس ناهيو ويا؟ جنهن تي گلزار ابڙي چيو ته هاڻ هو ڪي ايم سي ۾ هليو ويو آهي، جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو چيو ته توهان کي ته وڌيڪ سٺي جڳهه تي موڪليو ويو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته هڪ ماڻهو کي بچائڻ لاءِ سمورو سسٽم هڪ ٿي ويو آهي.