ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۾ تعليم بچايو ڪاميٽي پاران 13 هين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا گرلس اسڪول ۽ هائير سيڪنڊري جا ڪلاسز شروع نه ٿيڻ خلاف تعليم بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر ڪامريڊ وشنو مل , ناز مٺو , ڄيٺو مل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي بک هڙتال جاري رکي ويئي، ان موقعي تي تعليم بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ گورنمنٽ وٽ تعليم جي ارڙهن سو ارب رپيا بجيٽ هئڻ باوجود ڪڙيوگھنور۾ نياڻين جي هاءِ اسڪول جي بلڊنگ جيڪا پنجن سالن کان نه ٺهي ساڍا ست سئو انرول نيانيون دربدر آهن هائر سيڪنڊري اسڪول جنهن جي بلڊينگ پڻ پنجن سالن کان ٺهي پئي آهي پر ان ۾ اڃا تائين ڪلاس شروع ٿي نه سگھيا آهن هزارين نوجوان نياڻيون ۽ ڇوڪرا تعليم کان محروم زندگي گذارڻ تي مجبور آهن نگران سنڌ گورنمنٽ خاموش تماشائي بڻيل آهن گرلز هاءِ اسڪول جي بلڊنگ جا چاليھ ڪروڙ ٺيڪيدار کائي گم ٿي ويو پر ان خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿيوآهي. تيرهن ڏينهن کان مسلسل احتڄاجي ڪئمپ جاري آھي پر اڃا تائين ڪو به تعليمي آفيسر ۽ سياسي ڪامورو ڪئمپ تي لڙي نه آيو.