لاهور(اسپورٽس نيوز) ليجنڊ اسڪواش رانديگر جهانگير خان انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجو اسڪواش کيڏڻ هڪ معجزو هو.  دنيا جي سڀ کان وڏي اسڪواش رانديگر ۽ پاڪستان جي فخر زمان جهانگير خان تازو ئي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ هڪ اهڙو معجزو بيان ڪيو جيڪو ڏسندڙن جي دلين کي ڇهي ويو. جهانگير خان لڳاتار 555 ميچون کٽڻ جو ناقابل شڪست عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسڪواش ۾ سندس سفر ڪنهن خواب کان گهٽ ناهي. هن چيو ته منهنجي ڄمڻ وقت ڊاڪٽرن منهنجي پيءُ کي چيو هو ته هي ٻار توهان جي خاندان جي ٻين مردن وانگر اسڪواش کيڏڻ جي قابل نه هوندو، ڇاڪاڻ ته مان هرنيا جي بيماري سان پيدا ٿيو آهيان. هن جو چوڻ آهي ته منهنجي 5 ۽ 12 سالن جي عمر ۾ ٻه وڏيون سرجريون ٿيون ۽ ٻئي سرجري کانپوءِ ڊاڪٽرن واضح لفظن ۾ والدين کي چيو ته هن ٻار جو اسڪواش سان ڪو به تعلق ناهي.

 

جهانگير خان جو چوڻ هو ته منهنجي ماءُ منهنجي سڀ کان وڏي طاقت هئي، منهنجي والدين ڪڏهن همت نه هاري ۽ نه ڪڏهن هارايو، مون 16 سالن جي ڄمار کان اڳ محنت شروع ڪئي ۽ هڪ کان پوءِ هڪ چيمپيئن شپ کٽي ورتي. هن چيو ته منهنجو اهو ئي ڊاڪٽر جنهن هڪ ڀيرو منهنجي کيڏڻ جو خواب رد ڪري ڇڏيو هو بعد ۾ منهنجون ميچون باقاعدگي سان ڏسندو هو ۽ هر ڀيري حيران ٿي ويندو هو.