اسلام آباد(بيورو رپورٽ) رن آف ريور (دريائي وهڪري) تي هڪ وڌيڪ پاور پلانٽ رٿا منظرعام تي اچي وئي ڪالھه هارپو هائيڊرو پاور منصوبي (HPP) بابت اعليٰ سطحي ڪاميٽي جو اجلاس آبي وسيلن بابت وفاقي وزير ميان محمد معين وٽو جي صدارت هيٺ وزارت اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي وزير گلگت بلتستان لاءِ هارپو هائڊرو پاور پروجيڪٽ منصوبي جي حڪمت عملي ۽ ترقياتي اهميت کي اجاگر ڪندي تيزيءَ عملدرآمد تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته ڪنهن به قانوني يا انتظامي رڪاوٽن کي جلد از جلد ختم ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ خرچن جي واڌ کان بچي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته هي منصوبو گلگت بلتستان جي عوام لاءِ انتهائي فائديمند آهي. هارپو هائيڊرو پاور منصوبو 34.5 ميگاواٽ، رن آف ريور پاور جنريشن جي سهولت آهي، جيڪا اسڪردو ڀرسان هارپو لنگما علائقي ۾ واقع آهي. هي منصوبو سنڌوءَ درياءَ جي معاون وهڪري هارپو نالي مان پاڻي جي وهڪرن کي استعمال ڪندي سالياني لڳ ڀڳ 170 گيگا واٽ في ڪلاڪ (GWh) صاف توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي.