اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس دوران غيرملڪي اسڪالرشپس تي فرار ٿيندڙ اسڪالرز کان 1.5 ارب رپيا واپس نه وٺڻ جو انڪشاف ٿيو، چيئرمين پي اي سي جنيد اڪبر هيڪ کي فرار ٿيندڙ اسڪالرز خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ هيڪ جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو.آمريڪا جي فل برائٽ اسڪالرشپ ۾ 92 مان 89 ڪينسل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو، شاهده اختر چيو ته اهڙن ماڻهن جا پاسپورٽ ڪينسل نٿا ٿي سگهن، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته اهڙن ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ گهرجن، هيڪ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ٻڌايو ته فرار ٿيندڙ اسڪالرز جو انگ 96 آهي، ڪافي اسڪالرز کان 80 ڪروڙ ڏنڊ جي رقم واپس ورتي وئي آهي، شازيه مري چيو ته ان مسئلي جو مستقل حل هجڻ گهرجي، سينيٽر افنان الله چيو ته وڏي شرم جي ڳالهه آهي  ملڪ جو پئسو استعمال ڪري واپس نٿا اچن.