پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندروني احتساب ڪميٽي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي کي اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين جي الزام کان بري قرار ڏئي ڇڏيو، ڪميٽي جي ميمبر مشهور قانوندان قاضي انور ايڊووڪيٽ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر تي لڳايل الزام اڳوڻي سينيٽر اعظم سواتي طرفان لڳايا ويا جن کي اهو ثابت نه ڪري سگهيو نه ئي ڪو ثبوت ڪميٽي کي ڏئي سگهيو. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته هي اعظم سواتي اهو اعظم سواتي ناهي جيڪو جيل ويو هو هي ڌار اعظم سواتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر تي جن ڀرتين جو الزام لڳايو ويو اهي يا ته انهي جي دور کان اڳ ٿيون يا پوءِ قائدن موجب ٿيون، بابر سليم سواتي کي پي ٽي آءِ باني چيئرمين سان وفاداري جي سزا ڏني پئي وڃي. ڪميٽي رپورٽ ۾ لکيو ته بابر سليم سواتي روايتن کان هٽي گذريل سال نومبر ۾ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڊي چوڪ  تي تشدد خلاف اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي. قاضي انور ايڊووڪيٽ موجب بابر سليم سواتي جي تقرير کان پوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪيترن ئي ميمبرن انهي معاملي تي تقريرون ڪيون، اهو بابر سليم سواتي ئي آهي جنهن ايوان ۾ ڪاٽلنگ واقعي تي بحث به ڪرائي ۽ قرارداد به منظور ڪرائي، اسپيڪر کي ڪرپشن الزامن ۾ بري ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي احتساب ڪميٽي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا.