اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ واري اِشو تي سنڌ سوڌو مختلف صوبن سان تعلق رکندڙ ميمبرن بار بار ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پر اسپيڪر سردار اياز صادق کين اهو چئي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ته ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪندڙ ميمبر ئي ڳالهائي سگهن ٿا. اوهان اُن جو حصو ناهيو معمول جي ڪاروائي کان پوءِ اوهان کي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندس. پر معمول جي ايجنڊا ختم ٿيڻ کانپوءِ اڃا ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنو ويو. اُن اڃا ڳالهائڻ ئي شروع نه ڪيو هو ته مجلس وحدت المسمين جي ميمبر پاران قورم جي نشاندهي ڪئي وئي. قورم پورو نه هجڻ ڪري قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. جنهن ڪري اختر مينگل ته پنهنجي تقرير نه ڪري سگهيو پر ڪارپوريٽ فارمنگ واري اِيشو تي ڳالهائڻ جي خواش رهندڙ ميمبر به ڳالهائي نه سگهيا.