ڪولهاپور (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ضلعي ڪولهاپور ۾ اسپيڊ بريڪر جي لوڏي مرده قرار ڏنل همراهه کي زنده ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا موجب اولهه مهاراشٽرا جي ڪولهاپور ضلعي جي ڳوٺ بواڊا جي رهائشي پانڊورنگ الپي کي ڊاڪٽرن مرده قرار ڏنو هيو، جنهن کي ايمبولنس ۾ آخري رسمن لاءِ نيو پئي ويو، 65 سالن جي پانڊورنگ الپي کي هڪ اسپيڊ بريڪر جو لوڏو زندگي ڏانهن واپس موٽائي آيو، جڏهن اسپتال کان ان جي “مرده جسم” کي ايمبولنس ذريعي نيو پئي ويو، اسپيڊ بريڪر جو لوڏو اچڻ بعد سندس گهر ڀاتين آڱرين جي چرپر نوٽ ڪئي، رپورٽس موجب الپي کي 16 ڊسمبر تي دل جو دورو پيو هيو ۽ ان کي هڪ نجي اسپتال نيو ويو هيو، جتي ڊاڪترن ان کي مرده قرار ڏنو، مرده قرار ڏيڻ بعد الپي جي “لاش” کي ايمبولنس ۾ گهر نيو پئي ويو، جتي سندس انتقال جي خبر ٻڌي اوڙي پاڙي وارا ۽ مائٽ به گڏ ٿي ويا هئا ۽ آخري رسمن جي تياري ڪري رهيا هئا، الپي جي زال ٻڌايو ته جڏهن اسان سندس لاش کي اسپتال کان گهر آڻي رهيا هئاسين ته ايمبولنس اسپيڊ بريڪر مٿان گذري ۽ اسان ڏٺو ته سندس آڱرين ۾ چرپر ٿي، ان بعد الپي کي هڪ ٻئي اسپتال آندو ويو، جتي اهو پندرنهن ڏينهن تائين رهيو ۽ ان مدت دوران الپي جي انجيو پلاسٽي ڪئي وئي، ايمبولنس جي اسپيڊ بريڪر مٿان گذرڻ کيس شمشان گهاٽ پهچائڻ بدران ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو.