نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ٿيندڙ جي _20 جي سرباهي اجلاس کان اڳ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ عالمي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسپين جي صدر پيڊرو سانچيز ڀارت ۾ ٿيندڙ جي_20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ورتي آهي. اسپين جي صدر ڀارتي اختيارين کي ٻڌائڻ بدران سوشل ميڊيا تي اطلاع ڏنو ته هو جي _20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. سوش: ميڊيا تي صدر پيڊرو سانچيز لڇيو ته کيس ڪورونا ٿي پيو آهي، جي ٽوئٽي سمٽ جون سموريون سفري سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون اٿم. هاڻي ڪجهه بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان پر جي_20 اجلاس ۾ڪورونا جي ڪري شرڪت نه ڪري سگھندس.