ميڊرڊ (م ڊ) اسپين جي سماجي معاملن واري وزير پنهنجي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا هڪدم ختم ڪرڻ گھرجن. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسپين جي وزير آئيوني بيلارا يورپي يونين جي اهم اجلاس کان اڳ ميڊيا ان ڳالهائيندي اسرائيل جي غزه تي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.  هن معصوم فلسطينين کي بيدردي سان شهيد ڪرڻ تي ڏک جوا ظهار ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي اتحادي حڪومت اسرائيل جي عزه ۾ فلسطينين جي نسلڪشي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گھرجي.