سکر: سول اسپتال سکر ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل عملي جي به ورهين کان کوٽ. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا صحت کاتي کي لکت ۾ آگاهي باوجود عملي جي کوٽ ختم نه ٿي، نگران وڏي وزير ۽ صحت واري وزير جي دورن دوران سول اسپتال انتظاميا پاران غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽرز توڙي پيرا ميڊيڪل عملي جي شديد کوٽ هجڻ جون شڪايتون ڪيون، جنهن تي صحت واري وزير پاران ڪجهه ڊاڪٽرز کي مختلف اسپتالن مان بدلي ڪري سول اسپتال سکر مقرر ڪيو ويو هو پر ان باوجود هن وقت به اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته اڪثر رات جو ڊاڪٽر اسپتال ۾ موجود ئي ناهن هوندا، مريض سيکڙاٽ عملي جي رحم ڪرم تي ڇڏيل هجن ٿا.