ڪارڊف(انٽرسٽنگ نيوز) هڪ 6 سالن جي برطانوي ٻارڙي ٻارن جي اسپتال لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ 13 هزار 6 سئو فوٽ اونچي جبل جي چوٽي تي چڙهي وئي. ويلز سان تعلق رکندڙ 6 سالن جي سيرين پرائس مراڪش جي ائٽلس جبل جي “مائونٽ ٽوبڪل” جي چوٽيءَ تي چڙهندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو ماڻهو بڻجي وئي ۽ هاڻي هوءَ برمنگھم ٻارن جي اسپتال لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اولهه يورپ جي بلند ترين چوٽي مونٽ بلانڪ تي چڙهڻ جو ارادو رکي ٿي. سيرين چيو ته جڏهن هن جي ڳچيءَ ۾ سوڄ هئي تڏهن ساڳي اسپتال سندس علاج ۾ مدد ڪئي هئي، جنهن لاءِ هاڻي هوءَ پئسا گڏ ڪري رهي آهي. سيرين جي والد چيو ته وقت کان اڳ پيدا ٿيندڙ سيرين جي ساڳي اسپتال جان بچائي هئي. هن جي ڳچيءَ ۾ هڪ هيمنگيوما هو جنهن سان سندس ساهه متاثر ٿي رهيو هو. سيرين ۽ سندس والد گلين پرائس آگسٽ ۾ مراڪش لاءِ روانا ٿيا هئا، پنهنجي گائيڊ سان گڏ اهي 8 ڪلاڪ پنڌ هلي توبڪل جبل بيس ڪئمپ پهتا هئا.