ويٽيڪن سٽي(انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جو سڀ کان ننڍو ملڪ ويٽيڪن سٽي اهڙو هنڌ آهي جتي گذريل 96 ورهين کان هڪ به ٻار نه ڄائو آهي. ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي جو ان ملڪ ۾ ڪا اسپتال ئي موجود نه آهي. هتي اسپتال ڇو نه آهي ۽ 96 ورهين کان ڪو ٻار ڇو نه ڄائو آهي ان جو سبب مذهبي اهميت جوڳو آهي. هن ملڪ جي جوڙجڪ 11 فيبرري 1929ع تي ڪئي وئي، ويٽيڪن سٽي ڪيٿولڪ چرچ جو روحاني ۽ انتطامي هيڊڪوارٽر آهي جتي پادرين سميت سمورا مذهبي اڳواڻ رهندا آهن. اسپتال لاءِ ڪيترائي ڀيرا درخواستن باوجود ويٽيڪن سٽي ۾ اڄ تائين ڪا اسپتال ناهي ٺاهي وئي، ۽ ماڻهو بيمار ٿين يا ڪا عورت ڳورهاري هجي ته ان کي ان جاءِ کان ٿورو پري ٻئي شهر روم منتقل ڪيو ويندو آهي. ويٽيڪن سٽي ۾ اسپتال نه هجڻ جو سبب ان جو ننڍو هجڻ به ٿي سگهي ٿو، ڇو جو ويٽيڪن سٽي صرف 118 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، ملڪ ۾ ڊليوري روم نه هجڻ ڪري هتي لڳ ڀڳ 96 ورهين کان ڪو ٻار پيدا ناهي ٿيو. ويٽيڪن سٽي جي ڪل آبادي 8 سو کان 9 سو ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ انهن ۾ به گهڻا تڻا پادري ۽ مذهبي اڳواڻ شامل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ويٽيڪن سٽي ۾ دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ريلوي اسٽيشن به آهي، جيڪا پوپ پيئس XI جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ 300 ميٽر پري ٽريڪ صرف ڪارگو ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. ويٽيڪن سٽي کان سواءِ هڪ ٻي ناياب جاءِ آهي جتي ڪو ٻار پيدا ناهي ٿيو. پٽڪيرن ٻيٽ، هڪ برطانوي سمنڊ پار علائقو آهي جتي جي آبادي صرف 50 ماڻهن تي مشتمل آهي. انٽارڪٽيڪا ۾ ڪو ٻار پيدا ناهي ٿيندو، ڇو جو هي علائقي سائنسي تحقيق لاءِ رکيل آهي.