پشاور(اسپورٽس نيوز) پشاور جي ارباب نياز اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪري عمران خان جو نالو رکڻ تي ارباب فيملي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ارباب نياز جي پٽ ۽ پشاور جي اڳوڻي ميئر ارباب طارق چيو ته اسان صوبائي حڪومت جي فيصلي خلاف رٽ پٽيشن داخل ڪنداسين. واضح رهي ته خيبر پختونخواهه ڪابينا ارباب نياز اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري ڏني آهي.