ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني جي آفيسر امجد شاهه جي قتل ڪيس جي دبئي فرار ٿيل جوابدار تقي حيدر شاھه جي گرفتار نه ٿيڻ تان وفاقي ڊپٽي گهرو سيڪريٽري کي 6 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو، ڪالهه اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گھرو وزارت تقي حيدر شاهه جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن، جيڪي گڏيل عرب امارتن ڏانهن موڪليا ويندا، هوڏانهن درخواست گذار ماھم امجد مطابق سندس والد اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني ۾ اربين رپين جي بدعنوانين جي نشاندهي ڪئي هئي، جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو