ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ 2023ع کان 2028ع تائين جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بينڪ ورزن 2028، اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ جاري ڪيل پهريون منصوبو آهي. جنهن ۾ اهم هدف ٻڌايا ويا آهن. ان موقعي تي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته اسٽيٽ بينڪ وزن 2028 بينڪ جي ان ارادي جو اظهار آهي ته قيمتن جي استحڪام ۽ مالي استحڪام جي حاصلات ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي جٽادار معاشي ترقي ۾ حصو وٺنداسين. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر موجب ايس بي پي وزن 2028 ۾ 6 اهم اسٽريٽجڪ مقصد مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ مهانگايي کي وچٿرو رکڻ، مالي نظام جي ڪارڪردگي ۽ اثر انيزي شفافيت ۽ استحڪام وڌائڻ، مالي خدمتن تائين جٽادار رسائي کي هٿي ڏيڻ، شريعت سان ٺهڪندڙ بينڪاري نظام آڻڻ، جدت پسنداڻي ۽ شموليت تي ٻڌل ڊجيٽل مالي خدمتن جو ايڪو سسٽم جوڙڻ ۽ اسٽيٽ بينڪ کي هاءِ ٽيڪ ۽ عوام تي ڌيان ڏيندڙ اداري جو روپ يڻ شامل آهي.