سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽر سمٿ به پاڪستاني بولرز جي ريورس سوئنگ جي تعريف ڪئي آهي. سمٿ چيو آهي ته پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ جڏهن بيٽنگ لاءِ ايندو هئس ته بال گهڻو ريورس سوئنگ ٿي رهيو هوندو هو. اسٽيو سمٿ چيو ته ريورس سوئنگ کي منهن ڏيڻ مشڪل ترين ڪم هو، پاڪستان ۾ جهڙي طرح جون پچز آهن تمام گهڻي ريورس سوئنگ ٿيندي آهي. هن چيو ته شاهين آفريدي ۽ حسن علي جهڙا بالر انهن پچز لاءِ تمام سٺا آهن، پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ ٽيمپو بڻائڻ ۽ صبر ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. سمٿ چيو ته مان پاڪستان ۾ وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ نه کيڏي سگهيس، اسپنرن کي کيڏڻ لاءِ مان پنهنجي انڊر اسٽينڊنگ بهتر بڻائي آهي.