اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ آڏو پاڪستان اسٽيل ملز بابت اهم انڪشاف

0
222
“وڳوڙين” کي مُنهن ڏيڻ لاءِ نئين فورس جوڙڻ جو فيصلو

ڪنهن به ملڪ ۾ روزگار هميشه ادارا قائم ڪرڻ سان پيدا ٿيندو آهي، نه ڪي ادارا وڪڻڻ سان، پر منتظمين جو طريقهء واردات اهو رهندو آيو آهي ته پهرين ڪنهن به اداري ۾ بدانتظامي ۽ ملازمن جي گنجائش کان وڌيڪ ڀرتين ذريعي ان کي تباهه ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ وري ان تي “براءِ فروخت” جي تختي لڳائي، نجڪاري جي نالي ۾ ان کي وڪرو ڪري نجات حاصل ڪئي ويندي آهي. هن ملڪ جي اهم ادارن سان به اها ئي ڪار ڪئي وئي آهي، جن ۾ “صنعتن جي ماءُ” سمجهي ويندي پاڪستان اسٽيل ملز پڻ آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌ کي پاڪستان اسٽيل ملز جو تحفو ڏنو. روس جي سهڪار سان قائم ٿيل رڳو ان صنعتي اداري جھڙا ٻه ادارا قائم ٿين ها ته سنڌ ۾ ڪو به بيروزگار نه رهي ها، پر هن اهم اداري کي هلائڻ جي بدران تباهه ڪيو ويو آهي ۽ حالت ان نهج تي وڃي پهتي آهي، جو بند هجڻ باوجود به ان تي اربين رپيا خرچ اچي رهيو آهي. سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو انڪشاف سامهون آيو آهي ته بند پيل پاڪستان اسٽيل ملز تي به ساليانو 30 ارب رپين جو خرچ اچي رهيو آهي. ڄاڻايل گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري نجڪاري ڊويزن ڄاڻ ڏني ته، پاڪستان اسٽيل ملز جو ڪو به خريدار ملي نه سگهيو آهي، تنهنڪري ان کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

جيڪي ادارا ۽ صنعتون هن ملڪ ۾ نجڪاري جي نشاني تي رهيا آهن، انهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز به شامل رهندي آئي آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ هن اهم اداري کي ڀُڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي مداخلت سبب ناڪام ٿي وئي، پر حڪومت ان جي باوجود به ورچي نه ويٺي ۽ ڪوششون جاري رهيون. هاڻي ته ان اهم اداري جي اها حالت ڪئي وئي آهي، جو بند پيل حالت ۾ به ان تي ساليانو 30 ارب رپيا خرچ اچي رهيو آهي. اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي خساري جي اهڙي حالت جي ڪري ان کي نجڪاري جي لسٽ مان خارج ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري نجڪاري ڊويزن موجب، اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ 58 ڪروڙ، 40 لک ڊالر گهربل آهن. ساليانو 30 لک ميٽرڪ ٽن پيداوار لاءِ 1.4 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. پاڪستان اسٽيل ملز هڪ صنعتي ادارو آهي، جنهن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. هي صنعتي ادارو ملڪ جي عسڪري ضرورتن کي پورو ڪندو هو ته هزارين ماڻهن جو روزگار به هن اداري سان سلهاڙيل هو. هن وقت اهو ادارو بي لاڀ بڻايو ويو آهي ۽ هر سال 30 ارب رپين جو ان تي بند هجڻ باوجود به خرچ اچي رهيو آهي. پاڪستان اسٽيل ملز جي گھڻي زمين پڻ آهي، جنهن تي وفاق جو نظرون آهن.

صرف اسٽيل ملز ئي نه، پي آءِ اي سان به اهوئي حشر ڪيو ويو آهي. ان کي بيل آئوٽ مٿان بيل آئوٽ ڏنا ويا پر هي ادارو ان جي باوجود به صحت ۽ سگھائي کان پري رهيو ۽ هاڻي ان کي وڪرو ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. هونئڻ ته ائين هجڻ گهرجي ها ته ڪو به ادارو جيڪڏهن خساري ۾ آهي ته حڪومت کي ان جي خساري پوري ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ نه ڏيڻ گهرجي پر ان اداري جو بزنس واليوم يا آپريشن وڌائڻ گھرجي. پي آءِ اي کي به نوان جهاز خريد ڪرڻ لاءِ ڊگھي مدي وارو قرض ڏيڻ گھرجي ها. بين الاقوامي فائنانسنگ جو انتظام ڪرائي ڏنو وڃي ها، پر ائين نه ڪيو ويو ۽ انهن جي نيت ته قومي ايئرلائنز کي وڪرو ڪرڻ جي رهندي آئي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ادارن کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي وڪڻڻ بدران انهن کي هلائڻ جي اهليت پيدا ڪئي وڃي، ڇو ته ادارا ڪي رات وچ ۾ ناهن ٺهندا، انهن تي وقت سان گڏ عوام جي ٽيڪسن جو ناڻو خرچ ٿيندو آهي ۽ ان لاءِ کنيل قرض به عوام کي ئي ڀرڻو پوندو آهي.