ملير (رپورٽر) اسٽيل مل جي جبري برطرف ملازمن جو مل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، آل امپلائيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، شوڪت ڪورائي، اڪبر ناريجو، اڪبر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مل جي گيٽ نمبر 2 مڪا چوڪ کان چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي آفيس تائين احتجاجي مارچ ڪري آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسٽيل مل انتظاميه رمضان جي مهيني ۾ 1373 پورهيتن کي جبري طور تي برطرف ڪري پگهارون بند ڪري مقدس مهيني ۾ پورهيتن جو معاشي قتل ڪيو آهي جنهن سبب اسٽيل مل جي پورهيتن جا هزارين خاندان فاقه ڪشي تي مجبور آهن، اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته اسٽيل مل جا برطرف پورهيتن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي جيڪا نتيجن تائين جاري رهندي.