ملير (رپورٽ: نازشر ) پاڪستان اسٽيل ملز  ۾ 4 سالن کان ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 562 پورهيت گهر ڀيڙا، ان ڏس ۾  اسٽيل ملز جي اي اينڊ پي ڊپارٽمينٽ جي مينيجر نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڄاڻايو آهي ته سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ، واٽر سپلاءِ ۽ پي ڊي اين ڊپارٽمينٽ جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي فارغ ڪيو ويو آهي، اسٽيل ملز مان 7 هزار پورهيتن جي جبري برطرفي بعد  انهن پورهيتن کي 4 سال اڳ ڊيلي ويجز  تي ڀرتي ڪيو ويو هو.  ٻئي طرف پورهيت اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، اڪبر ميمڻ، شوڪت ڪورائي ۽ اڪبر ناريجو صحافين کي ٻڌايو ته هڪ طرف قومي اسيمبلي جي فلور تي صنعتن واري  وفاقي وزير راڻا تنوير اسٽيل ملز جي بحالي جو اعلان ڪندي چيو هو ته سنڌ حڪومت اسٽيل ملز کي هلائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته  انتظاميه وري ملز  مان پورهيتن کي برطرف ڪيو آهي،  هنن چيو ته اسان پورهيتن کي بيروزگار ٿيڻ نه ڏينداسين،  سندن بحالي لاءِ جدوجهد ڪنداسين.