ملير( رپورٽ: ناز شر ) پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميه ۽ ڪراچي واٽر بورڊ ۾گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي رهواسين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو، واٽر بورڊ انتظاميه اسٽيل ملز کان رهتن جي مد ۾ 11 ارب رپيا گهري ورتا، ان ڏس ۾ اسٽيل ملز جي رهائشي ڪالوني اسٽيل ٽائون، گلشن حديد فيز ون، فيز 2 ۽ گلشن حديد ايڪسٽينشن کي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان واٽر بورڊ جي آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سي اي او واٽر ڪارپوريشن اسدالله خان ۽ پاڪستان اسٽيل مل جي ڊائريڪٽرز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ واٽر بورڊ انتظاميه اسٽيل مل ڏانهن 11 ارب جون رهتون هجڻ ۽ ٻيا ٽيڪنيڪل مسئلا رکيا، واٽر بورڊ موقف اختيار ڪيو ته اسٽيل ملز زيرو پوائنٽ وٽ اسٽيل ڪئنال ۽ فلٽر پلانٽ سميت پنهنجو سمورو نظام واٽر بورڊ حوالي ڪري، جنهن بعد اهي ڄاڻايل علائقن ۾ پاڻي  فراهم ڪندا، اجلاس ۾ اسٽيل ملز جي انتظاميه چيو ته رهتن سميت ٻين معاملن تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري کانسواءِ ڪو به حتمي فيصلو نٿا ڪري سگهون ٻئي طرف اسٽيل مل انتظاميه جو چوڻ هو ته واٽر بورڊ سان پاڻي فراهمي جو مامرو طئه ٿيڻ تائين اهي رهائشي ڪالونين ۾ پاڻي فراهمي بلڪ واٽر ذريعي جاري رکندا، هوڏانهن واٽر بورڊ انتظاميه پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين اسٽيل مل انتظاميه 11 ارب رپيا ادا نٿي ڪري، تيستائين واٽر بورڊ واٽر سپلاءِ جو نظام نه سنڀاليندي اسٽيل مل جي آبادي ۾ ايندڙ علائقا واٽر ڪارپوريشن جي نئين ايڪٽ تحت واٽر ڪارپوريشن سسٽم ۾ شامل ناهن، جڏهن ته گجو ڪئنال ذريعي پاڪستان اسٽيل کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف گڏجاڻي ۾ شريڪ ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ، ايم پي اي  ساجد جوکيو، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد چيو ته  ادارن جي جنگ سبب عام ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون سميت رهائشي ڪالوني ۾ رهندڙ لکين ماڻهو گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، ٻنهي ادارن جا انتظامي سربراهه مسئلي جو حل ڪڍن

اسٽيل ملز جي رهائشي ڪالونين ۾ 3 لک شهري آباد

ملير: اسٽيل ملز جي رهائشي ڪالوني گلشن حديد فيز 1، فيز2، فيز3 ۽ گلشن حديد ايڪسٽينشن سميت اسٽيل ٽائون جي آبادي لڳ ڀڳ 20 هزار کان مٿي گهرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اڍائي کان 3 لک ماڻهو رهائش پذير آهن جيڪي پيئڻ جو پاڻي اسٽيل مل جي واٽر ڪئنال ذريعي حاصل ڪندا رهيا آهن، اسٽيل مل جي مالي بحران جو شڪار ٿيڻ بعد ڄاڻايل علائقن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڻي کوٽ خلاف ڪيترائي ڀيرا قومي شاهراهه تي ڌرڻا پڻ هنيا ويا آهن، چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه ۾ ڳالهين باوجود پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.

 

اسٽيل ملز  اوج واري دور ۾ مختلف صنعتي زونن کي پاڻي وڪرو ڪندي هئي

ملير: پاڪستان اسٽيل ملز  اوج واري دور ۾ پنهنجي پلانٽ ۽ رهائشي ڪالوني کي پاڻي ڏيڻ بعد باقي رهيل پاڻي مختلف انڊسٽريل زونن کي وڪرو ڪندي هئي