اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مالي سال 2023 ۽ 24ع جو اقتصادي سروي پيش ڪندي چيو ته اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جو مرحلو به اڳتي وڌندو، اسلام آباد کانپوءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس ڏانهن وڌنداسين، هن چيو ته اسٽيل ملز ۾ ماڻهو ويٺا آهن گئس به استعمال ٿي رهي آهي، اسٽيل ملز بحال نه ٿيندي، صرف ڪٻاڙ ۾ وڪرو ٿيندي، هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ 6 پارٽيز پري ڪواليفاءِ ٿي چڪيون آهن ، نجڪاري بابت نتيجو جولاءِ تائين ڏسندا.