ملير (رپورٽ: ناز شر) قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران اسٽيل ملز هلائڻ جي سفارش: ڪالهه اسٽيل ملز جي هيڊ آفيس ۾ ڪاميٽي جي ٿيل گڏجاڻي ۾ ملز جي سي اي او اسد اسلام ماني، ڊائريڪٽر اي اينڊ پي چوڌري اڪرم، سيڪريٽري اصغر شاهين، پوهيت اڳواڻ ڌڻي بخش سمون، مرزا طارق، اڪبر ناريجو، عاصم ڀٽي، اڪبر ميمڻ، قدوس شيخ، نظير عالم خاص طور تي شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪاميٽي ميمبرن ۽ مل انتظاميه وچ ۾ ملز جي بحالي ۽ پاڻي، بجلي، گئس جي سهولتن جي بحالي بابت ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت روس سان 5 ويهڪون ڪري چڪي آهي، روس به اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ تيار آهي ، هاڻ وفاقي حڪومت کي فيصلو ڪرڻو آهي، اسٽيڊنگ ڪاميٽي سي اي او کان اسٽيل ملز جي اڪائونٽ جا تفصيل طلب ڪيا، اجلاس ۾ ايم اين اي ناز بلوچ اسٽيل مل جي تعليمي ادارن ۽ ملازمن لاءِ قائم ڪيل 100 بيڊ واري اسپتال جي بندش تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ايم اين اي آغا رفيع الله پورهيتن جي گهٽ اجرت، اسٽيل ٽائون جي گيس بندش ۽ ملازمن جي مسئلن تي ڳالهايو، اجلاس ۾ پورهيت اڳواڻن جبري برطرفين بابت آگاهي ڏيندي چيو ته ملز کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو، ملازمن کي ٽارگيٽ بڻائي جبري برطرف ڪيو ويو، هوڏانهن اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين حفيظ الدين چيو ته پاڪستان اسٽيل قومي اثاثو آهي، انهي کي نقصان ٿيڻ نه ڏينداسين، سڀ جماعتون انهي نقطي تي متفق آهن ته اسٽيل ملز کي ٻيهر هلايو وڃي، اسٽيل ملز اسان سڀني لاءِ چاندي آهي، جنهن کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو، شهيد ڀٽوجي نشاني کي بحال ڪيو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ اسٽيل ملز جي ٻيهر بحالي بابت گفتگو ٿي آهي،اسان ملازمن جا مسئلا ٻڌا آهن، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ملازمن جو مستقبل روشن ٿئي،