ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيل ملز ملازمن جي پينشن سميت ٻيون رھتون نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيل ملز انتظاميا، صنعت توڙي ناڻي وزارتن کان ملازمن جي رهتن ۽ فنڊز جي فراهمي بابت 13 مارچ تائين رپورٽ طلبي ورتي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته دخواستگذارن جون رهتون ڪٿي استعمال ٿي رهيون آهن؟ اهو هڪ اهم معاملو آهي، مهذب ملڪن ۾ ملازمن جون رهتون نه ملڻ ڌاڙو سمجهيو ويندو آهي، هوڏانهن ملازمن الزام مڙهيندي چيو ته حڪومت پاران فنڊز جاري ڪيا ويندا آهن پر اسٽيل ملز انتظاميه اهي فنڊ ڪنهن ٻئي هنڌ استعمال ڪندي رهندي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن اهو الزام ثابت ٿي ويو ته ذميوار جيل وڃي سگهن ٿا، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اسٽيل ملز انتظاميه کي غلط بيانئي جي صورت ۾ قانوني نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ملازمن جي وڪيل حسيب جمالي چيو ته رٽائرمينٽ بعد درخواستگذارن کي ڪيترن ئي سالن کان گريجيوئٽي، پراويڊنٽ فنڊ سميت ٻيون رهتون نه پيون ڏنيون وڃن.