ملير (رپورٽر) اسٽيل ملز مان 1373 ملازمن جي جبري برطرفي خلاف ملازمن جو فيملين سميت ڌرڻو، قومي شاهراهه بلاڪ، ان ڏس ۾ اسٽيل ملز مان 1373 ملازمن جي جبري برطرفي خلاف سوين برطرف ملازمن پنهنجن فيملين سميت اسٽيل ٽائون جي پاڪستان مارڪيٽ کان اسٽيل ٽائون موڙ تائين مارچ ڪري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب قومي شاهراهه تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي  ملز انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڪبر ناريجو، امجد زرداري، اڪبر ميمڻ، عاصم ڀٽي، پيپلز ليبر بيورو جي صدر ڌڻي بخش سمون، پيپلز ليبر يونين پورٽ قاسم سي بي اي جي صدر لعل شاھه چيو ته اسٽيل ملز انتظاميه پورهيتن کي جبري برطرف ڪري فاقا ڪشي تي مجبور ڪيو آهي، هنن چيو ته هي ادارو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ٺاهيو،  جنهن کي پورهيتن  رات ڏينهن محنت ڪري هلايو، اسٽيل ملز 20 ارب رپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ وفاق کي ادا ڪيا، هنن چيو ته 2015ع ۾ اسٽيل ملز 65 سيڪڙو پيداوار ڏئي رهي هئي، ان وقت گيس جو بهانو بنائي نواز سرڪار اسٽيل ملز بند ڪئي،  هاڻ شهباز سرڪار پورهيتن کي بيروزگار ڪري مزدور دشمني جو ثبوت ڏنو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسٽيل ملز کي هلايو وڃي ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ معيشيت بهتر ٿيندي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسٽيل ملز کي هلائي جبري برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي.