ملير (رپورٽر) ملير جي بن قاسم پوليس اسٽيل ملز مان ٽامو ۽ لوهه چوري ڪندڙ گروهه جي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري چورايل بريڪر، چيمبر، سرڪٽ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ محمد شڪور عرف مکڻا، راڌڻ، لياقت، شهزاد، عبدالفتح، قاسم علي ۽ قدير شامل آهن، هوڏانهن ايس ايچ او بن قاسم طاهر قادري پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته اهي منصوبابندي تحت اسٽيل ملز مان قيمتي سامان چوري ڪري مختلف گدامن کي وڪرو ڪندا هئا، جوابدار محمد شڪور عرف مکڻا اڳ به جيل وڃي چڪو آهي، هوڏانهن ايس ايس پي جاچ اسٽيل ملز مان لوهه چورن جي سرپرستي ڪرڻ تان جاچ پوليس بن قاسم جي انچارج خالد الرحمان ۽ اي ايس آءِ عباس کي معطل ڪري واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته لونگ خان برهماڻي بن قاسم جو جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو.