ملير (رپورٽ: ناز شر) پاڪستان اسٽيل مل مان جبري طور تي برطرف ڪيل سوين ملازمن پاران عورتن، ٻارڙن سميت اسٽيل ٽائون کان بن قاسم ريلوي اسٽيشن تائين احتجاجي مارچ، ريلوي ٽريڪ تي احتجاجي ڌرڻو، ڪراچي ڏانهن ايندڙ ۽ اندرون ملڪ ويندڙ گاڏين کي مختلف هنڌن تي روڪيو ويو، مسافر سخت پريشان، مظاهرين جي سخت نعريبازي، اسٽيل مل کي بحال ڪري برطرف ڪيل پورهيتن جون نوڪريون بحال ڪيون وڃن: مظاهرين، خبر موجب: پاڪستان اسٽيل مل مان جبري طور برطرف ڪيل سوين پورهيتن پاران عورتن، ٻارڙن سميت گرينڊ ايمپلائيز الائينس پاڪستان اسٽيل جي اڳواڻن شمشاد قريشي، ڌڻي بخش سمون، شوڪت ڪورائي، اڪبر ناريجو، اڪبر ميمڻ، عاصم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيل ٽائون پاڪستان مارڪيٽ کان بن قاسم ريلوي اسٽيشن تائين احتجاجي مارچ، ريلوي ٽريڪ تي احتجاجي ڌرڻو، جنهن سبب ملڪ جي مختلف حصن کان ايندڙ ۽ ويندڙ ريل گاڏيون بند ٿي ويون، ريل گاڏين کي مختلف هنڌن تي روڪيو ويو، ڌرڻي سبب مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين پاران پاڪستان اسٽيل جي بندش، پورهيتن جي جبري برطرفي، تعليمي ادارا بند ڪرڻ، اسٽيل ٽائون جي رهائشي ڪالوني جي گئس بندش خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان اسٽيل مل جيڪا ملڪ جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي ان کي 2015 ۾ نواز سرڪار هٿراڌو طريقي سان گئس بند ڪري اداري کي بند ڪيو، اڳواڻن چيو ته اسٽيل مل منافعو ڏيندڙ ۽ ملڪ جي معيشيت ۾ ٽيڪس جي مد ۾ ساليانو اربين روپيا جمع ڪرائيندڙ ادارو آهي جنهن کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسٽيل مل مان پهرين مرحلي ۾ 7 هزار کان وڌيڪ پورهيتن کي جبري طور برطرف ڪيو ويو جنهن بعد تازو رمضان جي مقدس مهيني ۾ 1373 پورهيتن کي جبري طور برطرف ڪري وفاقي سرڪار ظالم جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انتظاميه پورهيتن جي معصوم ٻارڙن کان تعليم جو حق کسيندي تعليمي ادارا پڻ بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسٽيل مل جي 10 هزار کان وڌيڪ پورهيتن جي جبري برطرفي ۽ اسٽيل مل جي بند ٿيڻ سبب اسٽيل مل سان لاڳاپيل سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لکين ماڻهو روزگار کان محروم ٿيا آهن، اڳواڻن چيو ته اسان جو احتجاجي ڌرڻو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.
ريلوي ٽريڪ کولڻ لاءِ مظاهرين سان ريلوي انتظاميا ۽ پوليس جون ڳالهيون ناڪام
ملير: ريلوي ٽريڪ کولڻ لاءِ مظاهرين سان ريلوي پوليس جي ايس پي ۽ سنڌ پوليس پاران ڳالهين جا ٻه دورٿيا جيڪي ناڪام ٿيا مظاهرين پاران ريلوي ٽريڪ کولڻ کان انڪار ۽ ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان .مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو.
بن قاسم ريلوي اسٽيشن ۽ ڀرپاسي رينجرز اٽالا مقرر
ملير: احتجاجي ڌرڻي دوران ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بن قاسمريلوي اسٽيشن سميت مختلف هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا.
برطرف ملازم بحال ڪري مل کي هلايو وڃي: حبيب جنيدي
ملير: پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حبيب جنيدي ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جو اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال ڌرڻي ۾ پهچي پورهيتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حبيب جنيدي چيو آهي ته اسٽيل مل ۽ جبري طور تي برطرف ڪيل پورهيتن جي بحالي جي جدوجهد ۾ پورهيتن سان گڏ آهيون، اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪري اسٽيل مل کي هلايو وڃي. پي ٽي آءِ سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته اسٽيل مل مان جبري طور تي برطرف ڪيل پورهيتن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي اسٽيل مل ملڪ جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي جنهن کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو، اسان جو مطالبو آهي ته اداري کي فوري طور تي هلائي پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي ۽ مل جي تباهي ۾ ملوث هٿن ۽ ڪامورا شاهي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
رحمان بابا ۽ پاڪستان ايڪسپريس لانڍي اسٽيشن تي بيٺل
ملير : ڌرڻي سبب ريل جو نظام شديد متاثر رهيو ڪيتريون گاڏين کي ڪراچي کان روانو نه ڪيو ويو، ٽرين آپريشن معطل ٿيڻ سبب مسافرن پاران سخت ڏکيائن کي منهن ڏسڻو پيو . اپ ۽ ڊائون پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس ۽ راولپنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس کي لانڍي اسٽيشن تي روڪيو ويو، راولپنڊي ويندڙ تيزگام، لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس سرگوڌا ويندڙ ملت ايڪسپريس به ليٽ ٿي وئي، جڏھن ته ڪينٽ اسٽيشن تان قراقرم ايڪسپريس ۽ بزنس ايڪسپريس کي پڻ روڪيو ويو ۽ روانيون نه ٿي سگهيون.