ڪراچي/ملير(نمائندن وٽان) سنڌ ليبر اپيلٽ ٽربيونل اسٽيل ملز جي برطرف ڪيل 1373 ملازمن کي رهتون نه ملڻ بابت داخل اپيل تي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته رهتن جي ادائگي تائين ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ڪالهه ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي آفيسرن جي عدم پيشيء تي ٽربيونل پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو, ٽربيونل چيو ته گذريل ٻڌڻي تي اسٽيل ملز جي آفيسرن ٻڌايو ته ريڪيوزيشن وڃي چڪي آهي, جنهن تي اسٽيل ملز جي وڪيل شوڪت چوڌري چيو ته ان معاملي تي سنڌ ها۽ ڪورٽ ۾ به آئيني پٽيشن 2022ع کان ٻڌڻي هيٺ آهي. وڪيل ۽ آفيسرن  هاءِڪورٽ ۾ مصروفيت سبب ٽربيونل پيش نه ٿي سگهيا، جنهن تي  عدالت چيو ته برطرف ٿيل ملازمن جا ڪيترا پئسا رهن ٿا؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اهو ئي سوال هاءَ ڪورٽ ۾ به اٿاريو ويو، وفاقي حڪومت پاران جواب جمع ناهي ڪرايو عدالت چيو ته جيستائين ملازمن جون رهتون ادا نٿيون ڪيون وڃن، تيستائين انهن کي برطرف ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ٽربيونل آبزرويشن ڏيندي چيو ته ملازمن جي برطرفي لاءِ رهتن جي ادائگي لازمي آهي, ٽربيونل ملازمن کي رهتن جي ادائگي جا تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 14 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن رابطي تي پورهيت اڳواڻ اڪبر ناريجو ٻڌايو ته اسان لاءِ  ليبر ڪورٽ نه پر اين آءَ آر سي مجاز اٿارٽي آھي